ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سون جو اگهه ملڪي توڻي عالمي سطح تي تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون ٻه هزار رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک پنجاسي هزار چار سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 1714 رپيا واڌ بعد 2 لک 44 هزار 684 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون ويهه ڊالر چاڙهه کانپوءِ ٻه هزار ست سئو ستونجاهه ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like