حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي وڪيل برادري 26هين آئيني ترميم کي بنيادي انساني حقن جي رستي ۾ رڪاوٽ قرار ڏئي رد ڪندي احتجاج جو اعلان ڪيو آھي. ان سلسلي حيدرآباد لائرس ايڪشن ڪميٽي جا اڳواڻن ايڊووڪيٽ نويد جروار، ايڊووڪيٽ مير مڱريو، ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو، ايڊووڪيٽ نياز ابڙو ۽ ٻين ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 26هين آئيني ترميم کانپوءِ عدالتون فيصلا نه پر حڪمن جي تعميل ڪنديون، 26هين آئيني ترميم ايڪٽ 2024 کي بنا ڪنهن بحث غير شفاف ۽ جلد بازي ۾ منظور ڪرايو ويو آھي، ان جي مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته اسان وڪيل قانون جي شاگرد جي حيثيت ۾ سمجھون ٿا ته پاڪستان جي ٺھڻ جي پھرين ڏينھن کان وٺي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي حڪومتن گڏجي پاڪستان جي آئين ۽ پارليامينٽ کي پنهنجن مفادن جي خاطر استعمال ڪيو آهي ۽ ان ۾ ترميمون ڪندا آيا آهن، جن جو عوام ۽ عام انسان جي ڀلائي ۽ بھتري سان ڪو به واسطو ناهي. جڏهن ته اسين پارليامينٽ جي آئين ۾ ترميم جي حق کي تسليم ڪريون ٿا، پر جنهن طريقي سان هن ايڪٽ کي پاس ڪرڻ لاءِ اهو حق استعمال ڪيو ويو آهي، اهو ڏينهن پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. هنن چيو ته آئين ۾ ڪيل ان ترميم کان اڳ عدليه ھڪ آزاد حيثيت سان خودمختيار ادارو ھو، ھن ترميم کان پوءِ ھاڻ نه صرف عدليه پر صوبن جي عوام جا ڪافي اھم اختيار نامناسب طور اقتداري سرڪار جي جوڙيل اسپيشل ڪميٽي ۽ وفاق جي حوالي ڪيا ويا آھن، جن تي اسان کي سخت تشويش آهي. هنن چيو ته ھاڻ مانواري سپريم ڪورٽ جي سڀ کان سينيئر جج کي چيف جسٽس ڪرڻ بدران، اسپيشل پارليامينٽري ڪميٽي ۽ وزير اعظم جي مرضيءَ سان، ٽن سڀ کان سينيئر ججن مان ڪنھن به ھڪ کي چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪيو ويندو، جنهن جو مطلب اھو ٿيو ته ھاڻ سپريم ڪورٽ جي سڀني ججن مان ڪنھن کي به چيف جسٽس ٿيڻ جي پڪ نه ھوندي ۽ ھر جج وفاقي حڪومت، اڪثريتي اقتداري پارٽين، اھم ادارن ۽ اسپيشل ڪميٽيءَ وٽ قبول پوڻ، پاڻ وڻائڻ، گھربل فيصلا ڏيڻ ۽ وفاداري ثابت ڪرڻ جي لڳاتار ڪوشش ڪندو رھندو ته جيئن ھو ايندڙ چيف جسٽس ٿي سگھي. هنن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 186 اي ۾ ڪيل ترميم موجب ھاڻ سپريم ڪورٽ ڪنھن ھڪ ھاءِ ڪورٽ جو ڪيس صرف ڪنھن ٻئي ھاءِ ڪورٽ ۾ نه، پر ان سان گڏ ڪنھن به ھاءِ ڪورٽ ۾ ھلندڙ ڪيس ان کان وٺي پاڻ وٽ سپريم ڪورٽ ۾ به گھرائي سگھندي. ان تي اسان کي سخت تشويش آهي ۽ اسان سمجھون ٿا ته اھو صوبن جي خودمختياري تي وار آهي، هنن چيو ته جسٽس منصور علي شاهه کي مستقبل جو چيف جسٽس آف پاڪستان نامزد ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، حيدرآباد لائرس ايڪشن ڪميٽي ٺاهي اھو فيصلو ڪيو آھي ته آئيني ترميمن جي خلاف ملڪي سطح تي وڪيلن جي جڙندڙ اتحاد جو حصو ٿي جدوجهد ڪئي ويندي ۽ ان سان گڏ حيدرآباد ۾ ڪنوينشن ڪوٺايو ويندو ۽ ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو.17