پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي جو امڪان

نيويارڪ (م ڊ) انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ رپورٽ 2024 جاري ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي، هلندڙ مالي سال پاڪستان ۾ معاشي ترقي جي شرح 3.2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي جيڪو گذريل مالي سال ۾ 2.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو هو، رپورٽ موجب  پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح گهٽجي 7.5 سيڪڙو تي اچڻ جو امڪان آهي، جيڪا گذريل سال 8 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.