گمبٽ(رپورٽ: قمرالدين شيخ)گمبٽ گمس اسپتال جي بلڊ بئنڪ جو انچارج ڊاڪٽر اغوا ڌاڙيلن پاران وارثن کان ڏيڍ ڪروڙ ڀنگ طلب، خبر موجب گمبٽ گمس اسپتال جي بلڊ بئنڪ جو انچارج ڊاڪٽر خالد محمود کي رحيم يارخان کان گمبٽ طرف ايندي ڌاڙيلن اغوا ڪري ويا ڌاڙيلن وارثن سان رابطو ڪري سندس آزادي عيوض ڏيڍ ڪروڙ روپيا ڀنگ طلب ڪري ورتو آھي وارثن پاران تصديق ڪئي وئي آھي، وارثن چيو ته ڊاڪٽر خالد محمود رحيم يار خان کان گمبٽ طرف اچي رھيو ھو کيس رستي مان اغوا ڪيو ويو آزاد عيوض ڏيڍ ڪروڙ روپيا گھريا ويا آھن.