ميرپورخاص/ ملير(نمائندن وٽان) سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي سرواڻ سيد زين شاھ چيو آھي ته سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سمنڊ وڌيڪ زمينون ڳڙڪائيندو ۽ لکين ماڻھو دربدر ٿيندا. پيپلز پارٽي سنڌو مان غير قانوني طريقي سان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏني آھي ۽ انھن لاءِ بجيٽ بھ رکي وئي آھي. اهڙو اظهار هن ميرپورخاص ۾ ڊسٽرڪٽ بار ۽ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو ھن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي هميشا سنڌ ڪارد استعمال ڪري سنڌ خلاف فيصلا ڪندي آئي آهي، جڏهن ته وڏي عرصي کان سنڌ جا حق ڦٻائڻ جي ڪوششن سميت سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيو وڃن پر انهن سازشن کي هميشه سنڌ جي سپوتن ناڪام بڻايو آهي، هن چيو ته چولستان ڪئنال سسٽم فيز ون جو مطلب آھي ته ٻئي فيز ۾ وري ٻيا ڪئنال ٺھندا، پر پھرئين فيز ۾ ڊيم بھ ٺاھيو ويندو، جتان اھو پاڻي کنيو ويندو ۽ ان ھڪڙي سسٽم تي ئي 36 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي. ھن وڌيڪ چيو ته ھڪ طرف چون ٿا ته ٻوڏن جو پاڻي انھن ڪئنال ۾ ڇڏيو ويندو پر وري ٻئي طرف چون ٿا ته اھي ڪئنال ٻارنھن ئي مھينا ھلندا. سيد زين شاھ چيو ته سنڌ ۾ گرين انيشيئيٽوز تحت رڳو پاڻي نه کنيو ويندو پر زمينون به کنيون وينديون ۽ اھي زمينون مختلف ڪمپنين کي ڏنيون پيون وڃن ۽ گڏوگڏ ڪراچي جو پورٽ به 30 سالن لاءِ ليز تي ھليو ويندو، اھڙيءَ ريت اسان جي زمينن جا مالڪ ٻيا ھوندا. ورڪرز ڪنوينشن کي امير علي ٿيٻو، ڊاڪٽر انعام ڀٽي ، روشن ٻرڙو، امير آزاد پنهور ،لالا اظھر پٺاڻ، محمد خان مري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، هوڏانهن سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ اسماعيل ڏاهري جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو ته اسماعيل ڏاهري جي گرفتاري ۾ آصف علي زرداري جي ذاتي انا کلي سامهون آئي آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسماعيل ڏاهري جي گرفتاري لاقانونيت ۽ سياسي انتقام جي بدترين مثال آهي، پيپلزپارٽي جي اندر سياسي انتقام جي باهه ڀريل آهي، پيپلزپارٽي ادارن کي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪري رهي آهي، هن چيو ته دولتپور جي علائقي کي پوليس اسٽيٽ بڻايو ويو آهي، اسماعيل ڏاهري جي مائٽن ۽ دوستن جي خلاف مختلف ٿاڻن ۾ ڪوڙا ۽ من گهڙت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، سنڌ حڪومت جي حڪم تي پوليس نامعلوم ماڻهن سان گڏ گهرن ۾ ڇاپا هڻي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي عورتن کي هراسان ڪيو پيو وڃي سيد زين شاهه وڌيڪ چيو ته اسماعيل ڏاهري جي خاندان جي ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪندي جبري طور تي گمشده ڪيو پيو وڃي، سيد زين شاهه چيو ته اسين چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان اپيل ڪيون ٿا ته هو اسماعيل ڏاهري جي خلاف بڻايل من گهڙت ۽ ڪوڙن ڪيسن جي جوڊيشل انڪوائري جوڙي.