اسلام آباد(م ڊ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته آئين جي بالادستي جي ڳالهه ڪريون ٿا پر ڪالهه پارليامينٽ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ٻڌو، مان خاموش رهيس، بل پيش ٿيڻ کانپوءِ هليو ويس، پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالهه عدليه تي تنقيد ڪئي وئي، الزام لڳايا ويا، سڀ ڪجهه هڪ جج جو رستو روڪڻ لاءِ ڪيو ويو، اسپيڪر غير آئيني قدم تي خاموش رهيو، عدليه ايتري خراب ناهي ان کي ايترو اڳتي نه وڃڻ گهرجي ها، ڪيترائي جج اهڙا به هئا جن پي سي او تحت حلف نه کنيو، ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ۾ سنڌ جي جج اختلاف ڪيو.