زين قريشي، فيصل سليم سميت 4 پي ٽي آءِ ميمبرن کي نوٽيس

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) 26هين آئيني ترميم لاءِ ووٽنگ دوران فلور ڪراسنگ تي شڪي  ميمبرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب انهن ميمبرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن جن آئيني ترميم تي ووٽنگ دوران مبينا طور پارٽي جي خلاف ٿيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي ميمبرن کي آخري موقعو ڏيڻ لاءِ شوڪاز نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سمورن ميمبرن کي انڪوائري ڪميٽي آڏو صفائي پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو. ذريعن موجب سينيٽر زرقا تيمور، فيصل سليم، زين قريشي، رياض فتيانه، مقصود علي ۽ ٻين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.