اسلام آباد(م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) مينگل جي باغي سينيٽر قاسم رونجھو جي پٽ جهانزيب رونجھو دعويٰ ڪئي آهي ته سندس والد کي استعيفيٰ لاءِ زبردستي سينيٽ ۾ آندو ويو، جڏهن ته سندس والد اڳ ئي استعيفيٰ ڏئي چڪو هو، پنهنجي هڪ بيان ۾ جهانزيب رونجھو چيو ته افسوس آهي ته بي اين پي پنهنجي سينيٽر کي پريس ڪانفرنس ڪرڻ تي زبردستي مجبور ڪيو، هن چيو ته پريس ڪانفرنس ۾ ڏنل لفظ ڳالهائڻ تي مجبور ڪيو ويو، پارٽي جي غير اخلاقي ۽ غير اخلاقي عمل جي مذمت ڪريون ٿا.