جسٽس يحيٰ ذوالفقار ڀٽو جي ڦاهي خلاف ريفرنس تي بينچ جو حصو رهيو

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جو نئون نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي 23 جنوري 1965ع تي ڊيرا اسماعيل خان ۾ پيدا ٿيو،  شروعاتي تعليم ايچي سن ڪاليج لاهور مان حاصل ڪئي، لاهور ڪاليج مان گريجوئيشن بعد پنجاب يونيورسٽي مان ايم اي معاشيات ۾ ڊگري حاصل ڪئي، هن ڪامن ويلٿ اسڪالر شپ تي جيسس ڪاليج ڪيمبرج يونيورسٽي مان ايل ايل ايم جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي. جسٽس يحيٰ آفريدي 1990ع ۾ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل ۽ 2004ع ۾ سپريم ڪورٽ جي وڪيل طور پريڪٽس شروع ڪئي.جسٽس يحيٰ آفريدي خيبرپختونخواهه جو اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل پڻ رهيو. 2010ع ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جو ايڊيشنل جج مقرر ٿيو، کيس 15 مارچ 2012ع تي مستقل جج طور مقرر ڪيو ويو. 30 ڊسمبر 2016ع تي جسٽس يحيٰ آفريدي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور حلف کنيو.28 جون 2018ع تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج مقرر ٿيو.جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ ۾ مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ لارجر بينچ جو حصو رهيو ۽ ڪيس بابت فيصلي ۾ اختلافي نوٽ به لکيو.جسٽس يحيٰ آفريدي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي خلاف صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بينچ جو به حصو هو.جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس 2024 جي 3 رڪني ججز ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.