اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر شهزاد شوڪت چيو آهي ته جسٽس يحيٰ آفريدي بهترين ججن مان هڪ جج آهي، سندس مقرري مروج آئيني طريقيڪار موجب ٿي آهي، اسان جا ڪجهه دوست قوم کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري رهيا آهن، هر شيءُ کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڇو ٿي ڪئي وڃي؟ .