ترميمن سان اسٽيبلشمينٽ مضبوط ۽ شهباز حڪومت بليڪ ميل ٿيندي: لياقت بلوچ

اسلام آباد(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير اڳوڻي پارلياماني اڳواڻ لياقت بلوچ چيو آهي ته آئين ۽ سپريم ڪورٽ سان جيڪا هٿ چراند ڪئي وئي آهي اها سياست، جمهوريت ۽ پارلياماني نظام لاءِ وڌيڪ عدم  استحڪام جو ذريعو بڻجندي، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته سينيئر جسٽس منصور علي شاهه صحيح چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي تقسيم سان نئون مونجهارو ۽ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي، آئيني ترميمن جو سمورو پيڪيج عدليه کي فتح ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو،  اسٽيبلشمينٽ مضبوط هوندي پر شهباز شريف حڪومت پنهنجي ئي اتحادين هٿان بليڪ ميل ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.