ڪراچي (رپورٽر ) اڳوڻي صدر سپريم ڪورٽ بار ڪائونسل منير اي ملڪ، صدر ڪراچي بار ڪائونسل عامر نواز وارئچ ، بئريسٽر صلاح الدين احمد، وائيس چيئرمين سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ڪائونسل ڪاشف سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آئيني ترميم سان متفق ناهيون،توهان آئيني بئنچ کي ڪو به نالو ڏيو،اها الڳ عدالت ئي آهي، هن چيو ته عدليه پهرين به آزاد نه هئي، سپريم ڪورٽ ۾ هاڻي اهو تڪرار آهي ته ڪهڙو ڪيس ريگيولر عدالت ۾ ويندو ۽ ڪهڙو آئيني عدالت ۾ ،سپريم ڪورٽ ۾ اهڙا ڪيس گهٽ آهن جن ۾ آئيني پهلو نه هجن،هن چيو ته بار ججز مقرري يا سڌارن تي اعتراض ناهي ڪيو،بار جو هميشه موقف اهو آهي ته پرچي تي ڪو نه اچي، ڪنٽرولڊ جمهوريت کانپوءِ هاڻي ڪنٽرولڊ عدليه آهي، عامر نواز وڙائچ چيو ته وڪيل برادري ڪنهن به صورت ۾ ان ترميم سان متفق نه آهن،جيڪڏهن اها ترميم ڪامياب ٿي ته جج پارليامينٽ کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، ملڪ گير تحريڪ هلائڻي پوندي ،روڊن تي ٻاهر نڪرنداسين ان موقعي تي بئريسٽر علي زيدي، فهيم ضياءَ، بئريسٽر ارشد شر بلوچ ۽ ٻيا وڪيل اڳواڻ به موجود هئا،