حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ۽ نامياري قانوندان اياز لطيف پليجي 26ھين آئيني ترميم کي عدليه، انساني حقن ۽ انصاف تي حملو قرار ڏيندي چيو آھي ته پيپلز پارٽي ۽ وفاقي حڪومت بيڊ گورننس، ڪرپشن، وسيلن جي ڦرلٽ، انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي تحفظ ۽ انصاف جي رستا روڪ لاءِ بدترين آئيني ترميم آندي آھي،هن چيو ته 26 آئيني ترميم سان عدليه جا ۽ صوبن جي عوام جا ڪافي اھم اختيار نامناسب طور اقتداري سرڪار جي جوڙيل اسپيشل ڪميٽي ۽ وفاق جي حوالي ڪيا ويا آھن هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 199 جي نئين شق 1 اي موجب ھاڻ ڪنھن به صوبي جي ھاءِ ڪورٽ صوبي ۾ ڪنھن ظلم يا عوامي حقن يا قومي وسيلن تي ڪنھن ڌاڙي يا ڪنھن ٽي وي چينل، اخبار يا سوشل ميڊيا ۾ آيل ڪنھن وڏي ڏوھ، ڪرپشن جي رپوٽن، قبضن، متڀيدن، ناانصافين يا بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي تي پاڻ مرادو نوٽيس نه وٺي سگھندي. اياز لطيف پليجي چيو ته آئين جي نئين آرٽيڪل 175 سان ھاڻ ھاءِ ڪورٽ ۾ پسند جا جج رھڻ ڏنا ويندا ۽ جيڪو حڪومت جي خواھشن، پسند ۽ مفادن خلاف فيصلا ڏيندو ان کي هٽايو ويندو. اياز لطيف پليجي چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ ھاءِ ڪورٽ کان سئوموٽو جو اختيار کسيو ويو آھي.