سکر(رپورٽر) 26 هين آئيني ترميم جي منظوري وارو مامرو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ آئيني بينچ ٺهڻ تائين داخل آئيني ڪيس هلائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ان ڏس ۾ جسٽس ذوالفقار احمد خان پاران 40 کان وڌيڪ آئيني درخواستن تي ٻڌڻي کان منع ڪندي وڪيلن کي ڪا به نئين آئيني پٽيشن نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي ،ان موقعي تي عدالت چيو ته اڳ واريون داخل آئيني درخواستون به نه ٻڌبيون، آئيني بينچ ٺهڻ کان پوءِ نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو جنهن بعد ڪيس هلائي سگهبا، واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ اڄ 40 مختلف آئيني درخواستن تي ڪيس نه هليا