چڪ ڀرسان زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،نوجوان قتل،2 زخمي

لکي غلام شاهه (رپورٽ: نديم جان مهر) لکي غلام شاهه جي چڪ واري ڪچي بچل ڀيو ٿاڻي جي ڳوٺ عبدالمجيد ڪرسي جتوئي  ويجهو زمين جي مالڪي تان قادراڻي جتوئي ڀرڙ جتوئي ڌرين وچ ڇڪتاڻ تيز ٿيڻ بعد فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ ٽي ڄڻا مٺل قادراڻي جتوئي معراج قادراڻي جتوئي جي خليل ڪرسي جتوئي زخمي ٿي پيا زخمين کي وارث مختلف اسپتالن ڏانهن کڻي ويا ليڪن 16 ورهين جو معراج قادراڻي جتوئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته خليل ڪرسي جتوئي جي ڳڻتي جوڳي حالت ٻڌائي وڃي ٿي هوڏانهن مقتول معراج قادراڻي جتوئي جي فوت ٿيڻ جي تصديق سندس ڌر جي چڱي مڙس علي گل قادراڻي جتوئي پاران ڪئي وئي ته سندس ڌر جو هڪ نوجوان قتل ٿيو آهي هڪ زخمي آهي ٻئي طرف مقامي صحافي غلام رسول جتوئي جو چوڻ آهي ته سندس ڀائٽيو خليل ڪرسي جتوئي ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي ويل هو جنهن کي گولي لڳي آهي جيڪو سخت زخمي ٿي پيو آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.