عمرڪوٽ (غلام مصطفيٰ مهر ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ ضلعي عمرڪوٽ ۾ موجود سمورن کاتن جي اختيارين کي خصوصي ھدايت ڏيندي چيو آھي ته ضلعي ۾ ڪو به وڻ بغير اجازت جي نه وڍيو ويندو ۽ انتھائي ضرورت جي صورت ۾ وڻن کي وڍڻ کان اڳ پنھجي ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج کان اڳواٽ اجازت وٺڻ لازمي ھوندي ۽ عوام کي پڻ آگاھي ٿي ڏجي ته پنھنجي علائقي اندر جيڪڏھن ڪو به وڻ وڍڻ جي ڏوھ ۾ ملوث ھجي ته اھڙو اطلاع ڏنو وڃي، ھن چيو ته ضلعي جي سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ھر ٻار کي مفت تدريسي ڪتابن جي ورھاست کي يقيني بڻايو وڃي، ٻي صورتَ ۾ ڪوتاهي ڪندڙ سرڪاري ادارن جي ملازمن خلاف ضروري قانوني ڪاروائي عمل ۾ آڻي ويندي، ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوٽ ھر قسم جي گھريلو ۽ ڏھاڙي دار مزدورن کي پاڻ وٽ رجسٽرڊ ڪن ۽ قانون مطابق کين صحت، تعليم جون سهولتون ۽ وضيفا سڀني حقدار مزدورن تائين پھچائن جنھن جي لاءِ سڀئي مزدور پاڻ کي وڌ ۾ وڌ سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوٽ وٽ رجسٽرڊ ڪرائين.