لاهور(مزمل سهروردي)پي ٽي آءِ پارلياماني ڪميٽي جي رڪنيت ته حاصل ڪري ورتي پر ان جي اجلاس ۾ شرڪت ناهي ڪئي،انهن ڪميٽي کي تسليم ڪري ورتو ۽ آئيني ترميم جو حصو به بڻجي ويا آهن،جڏهن آئيني ترميم پاس ٿي رهي هئي علي امين گنڊاپور ٽن ڏينهن جي موڪل تي ڊيرا اسماعيل خان هليو ويو هو، هن پنهنجون سموريون سياسي ۽ سرڪاري مصروفيتون ختم ڪري ڇڏيون هيون، هن کي چيو ويو هو ته جيستائين ترميمون نٿيون ٿين توهان جي آواز نه نڪرڻ گهرجي،بلڪل چپ رهڻو آهي،هو اسٽيبلشمينٽ جو ”سٺو ٻار“ آهي،هن جي ڳالهين تي نه وڃڻ گهرجي،هن جون ڳالهيون تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي پنهنجي وفاداري ڏيکارڻ لاءِ هونديون آهن پر هن جو عمل اسٽيبلشمينٽ جي وفاداري خاطر هوندو آهي،اسٽيبلشمينٽ هن جي ڳالهين کي نه عمل کي ڏسندي آهي ۽ تحريڪ انصاف جو ڪارڪن هن جي عمل کي نه هن جي ڳالهين کي ٻڌندو ۽ ڏسندو آهي،هو ترميم جي منظوري وقت مارچ ڪري ڊي چوڪ اچي پئي سگهيو پر هن کي چيو ويو هو ته ترميم جي منظوري تائين آواز ناهي ڪڍڻو،ترميم منظور ٿي وئي آهي ان ڪري هن کي سياسي سرڪس ڪرڻو آهي، تحريڪ انصاف جي پوري قيادت آئيني ترميم تي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي.
Prev Post
جنونيت جي مزاحمت جو اعلان، سنڌ کي انتهاپسندي جي ڄار ۾ ڦاسائي سنڌو کسيو پيو وڃي: ساڃاهه وند
Next Post
You might also like