جنونيت جي مزاحمت جو اعلان، سنڌ کي انتهاپسندي جي ڄار ۾ ڦاسائي سنڌو کسيو پيو وڃي: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي قومپرستن، دانشورن، ليکڪن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن چيو آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ملوث پوليس آفيسرن، اهلڪارن، قتل جون هدايتون ڏيندڙ شرپسند ۽ انتهاپسندن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچڻ سان اهي خدشا وڌي ويا آهن ته حڪومت ۽ پوليس ڊاڪٽر شاهنواز  ڪنڀر جو خون لوڙهڻ ۽ قاتلن کي بچائڻ جي ڪوششن ۾ آهن. سنڌ صدين کان امن جي ڌرتي رهي آهي، ان جي امن کي بگاڙڻ لاءِ سگهارين ڌرين ۽ سرڪار جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ ڪوششن کي رد ڪيون ٿا، سنڌ هر قسم جي انتهاپسندي خلاف مزاحمت ڪندي. ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ جسٽس فار ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ڪميٽي طرفان ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿانهين قتل جي حوالي سان ڪوٺايل ويهڪ ٿي. ان موقعي تي جسٽس فار ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ اڳوڻي شاگرد اڳواڻ اسماعيل وساڻ چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي دردناڪ قتل واري واقعي سنڌ جي ماڻهن کي ڏکارو ڪري ڇڏيو آهي، انتهاپسندن ۽ جنونين هٿان قتل ڪيل هڪ معصوم پڙهيل لکيل ڊاڪٽر جي قتل خلاف سنڌ پهرين ڏينهن کان پرامن جدوجهد ڪري رهي آهي، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي مزاج ۾ روادار ۽ امن پسند رهيا آهن، سنڌ تي انتهاپسندن ۽ جنونين کي ڪنهن به صورت ۾ قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين.  جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو قتل اهو ثابت ڪري رهيو آهي ته رياست ۽ هتان جون حڪمران ڌريون سنڌ ۾ انتهاپسندي ۽ جنونيت کي هٿي ڏيڻ چاهين ٿيون، پر سنڌ ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي صوفي، امن پسند ۽ سيڪيولر روايتن تان هٿ نه کڻندي. سنڌ جا ماڻهو اهو سوال پڇن ٿا ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي قتل ڪندڙ ۽ سندس لاش جي تذليل ڪرڻ ۾ ملوث سمورا جوابدار آزاد ڇو گهمي رهيا آهن. هن چيو ته هڪ طرف هو جنونيت کي هوا پيا ڏين ته ٻئي طرف سنڌ کي سڪائڻ جا منصوبا جوڙي رهيا آهن، سنڌو درياهه جيڪو سنڌ جو جياپو آهي ان کي وڌيڪ سڪائڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن، سنڌ هر سنڌ دشمن منصوبي ۽ عمل جي رستا روڪ ڪندي. جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ ۾ انتهاپسندي ۽ جنونيت کي هٿي ڏيندڙ حڪمران ڌريون آهن، پيپلزپارٽي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل واري واقعي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انتهاپسندن جي ساٿاري بڻيل آهي، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي خون سان انصاف جي لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي هراسان ڪري گرفتاريون ڪرڻ سميت سندن مٿان ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جا قاتل اڃا تائين آزاد آهن. نامياري دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته سنڌ ۾ انتهاپسندي ۽ جنونيت جي ڪا به جاءِ ناهي، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس ترت ئي عمرڪوٽ واقعي جو نوٽيس وٺن ها ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل وارو واقعو پيش نه اچي ها، پر سنڌ حڪومت ۽ پوليس ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل کانپوءِ به انتهاپسندن کي نه روڪيو، هنن ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ۾ خوف ۽ هراس پکيڙيو، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي لاش جي تذليل ڪئي وئي. پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته ڪراچي ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ روادار سنڌ جو پيغام کڻي ويندڙ پرامن سياسي ڪارڪنن، عورتن، اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ انساني حقن جي اڳواڻن تي تشدد ڪيو ويو. قمرالزمان راڄپر چيو ته صوفين سدائين انتھاپسندي کي رد ڪيو آھي، سنڌ هر دور ۾ امن جو پيغام ڏنو آھي، اسان لطيف ۽ سچل جا پوئلڳ آھيون. هن چيو ته سنڌ کي سڪائڻ جي لاءِ حڪمران سنڌو درياھ تي ڪئنال ٺاهي رهيا آهن، جن کي اسان رد ڪيون ٿا. قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر خوشحال داس چيو ڊاڪٽر شاھنواز جو قتل پيار، محبت ۽ رواداري جو قتل آھي. سنڌي عورت تنظيم جي اڳواڻ نظير قريشي چيو ته اسان عمرڪوٽ ۾ وڃي ڊاڪٽر شاھنواز جي وارثن جا لڙڪ اگهيا هئا، هو روئيندي چئي رھيا ھئا ته اسان پنھنجو ڪيس سنڌ حوالي ڪيون ٿا ۽ هاڻ سنڌ کي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي خون سان انصاف جي لاءِ اڳيان اچڻو پوندو. جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورهيه سنڌي چيو ته ڪراچي ۾ رواداري مارچ ۾ سنڌ جي شعور پاڻ ملهايو، اسان سڀ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي خون سان انصاف جي لاءِ نڪتا هئاسين، قاتل پوليس آفيسر، اهلڪار ۽ جنوني اڃا تائين پڪڙ کان آجا آهن، پوليس تماشائي بڻيل آهي. حمز علي چانڊيو چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل خلاف پرامن جدوجهد سنڌ ۾ مزاحمت جا نوان بنياد رکيا آھن، ھي وقت ليڪي ڪڍڻ جو آھي، اسين سنڌ جي قومي جدوجھد ۾ بنياد پرستن کي شامل نه ڪنداسين. ان موقعي ته ايڊووڪيٽ مير احمد مڱريو، پنھل ساريو، حمز علي چانڊيو، منصور قادر جوڻيجو، ڊاڪٽر بدر چنا، زاھدہ ابڙو، ايڊووڪيٽ رميش گپتا، جان محمد جوڻيجو، قاضي انور ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ هزارين سالن کان انسانيت, امن, رواداري ۽ محبت جو پيغام ڏيندڙ ڌرتي رهي آهي. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن. ويهڪ ۾ قراردادون پاس ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس ٽن ججن تي مشمتل عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي، ان ڪميشن جا اصول ۽ ضابطا طئه ڪيا وڃن، ڪميشن کي هڪ مهيني اندر پنهنجي رپورٽ پڌري ڪري عدالت کان مٿانهين ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي لاءِ سزائون تجويز ڪري، پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قاتل پوليس آفيسرن کي گلن جا هار پارائيندڙ پ پ ايم اين اي امير علي شاهه کي پ پ مان نيڪالي ڏئي کيس ڊي سيٽ ڪرائي. ويهڪ ۾ 13 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ رواداري امن مارچ ۾ شامل سنڌ نواز گهانگهرو، عاليا بخشل تلهو، روماسا چانڊيو، ڊاڪٽر سورٺ سنڌو، جامي چانڊيو، سيف سميجو ۽ بخشل ٿلهو سميت ٻين ڀينرن، سول جي سوسائٽي جي نمائندن، سياسي ڪارڪنن مٿان تشدد ڪرڻ ۽ گرفتار ڪرڻ واري واقعي کي حڪومت ڏاڍ قرار ڏيندي 12 ۽ 13 آڪٽوبر تي قومپرست اڳواڻن رياض چانڊيو ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گهرن تي چڙهائي ڪري کين گرفتار ڪرڻ جي مذمت ڪئي وئي ۽ اها گُهر ڪئي وئي ته رواداري مارچ ۾ شامل پرامن ماڻهن مٿان داخل ڪيل ايف آءِ آر واپس وٺي سنڌ جي گهرو وزير ۽ آئي جي سنڌ کي هٽايو وڃي. ويهڪ ۾ سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي کي رد ڪندي چيو ويو ته 1971ع کان وٺي سنڌو درياهه تي قائم سمورا لنڪ ڪئنال ختم ڪيا وڃن، گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن جي غير قانوني الاٽمينٽ بند ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.