اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ داخل مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ ٻن ججن جو اقليتي فيصلو جاري ٿي چڪو آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل اقليتي تفصيلي فيصلو جاري ڪيو، جڏهن ته چيف جسٽس واڌو نوٽ به لکيو آهي. چيف جسٽس 14 صفحن تي ٻڌل اختلافي نوٽ لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته فيصلي ۾ آئيني ڀڃڪڙين ۽ ڪوتاهين جي نشاندهي منهنجو فرض آهي، اميد آهي ته اڪثريتي جج پنهنجي غلطين تي غور ڪري انهن کي درست ڪندا. چيف جسٽس چيو بدقسمتي سان اڪثريتي مختصر فيصلي خلاف نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي نه ٿي سگهي، منهنجي ساٿي ججن جسٽس منصور ۽ جسٽس منيب ان جي خلاف ووٽ ڏنو، اميد ٿو ڪيان ته اڪثريتي فيصلو ڏيندڙ پنهنجي غلطين جو تدارڪ ڪندا ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته آئين موجب ملڪ هلائين. چيف جسٽس لکيو ته 8 اڪثريتي ججن جي فيصلي جي ڪا قانوني حيثيت ناهي، انهن مخصوص سيٽن بابت اپيلون نه اڪلايون، جڏهن اپيلون نه اڪلايون ويون ته ڪيس ٻڌڻي هيٺ سمجهيو ويندو آهي، 8 ججن اپيلون ٻڌڻي هيٺ رکي پي ٽي آءِ ۽ اليڪشن ڪميشن کي نيون درخواستون داخل ڪرڻ جو چيو، حتمي فيصلو نه ٿيو، تنهن ڪري اڪثرتي فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرڻ سان توهين عدالت نه لڳندي. چيف جسٽس لکيو ته 8 اڪثريتي ججن جي فيصلي جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي، اٺن اڪثريتي ججن مخصوص سيٽن بابت اپيلن کي ڊس نه ڪيو، جڏهن اپيلون اڪلايون نه وينديون ته ڪيس التوا ۾ رکيو ويندو، 8 ججن درخواستون التوا ۾ رکيون ويون ۽ اليڪشن ڪميشن کي چيو ويو ته درخواستون داخل نه ڪيون وڃن. چيف جسٽس وڌيڪ لکيو ته 8 ججن چيف جسٽس سميت بينچ جي ٻين ميمبرن کي آگاهه ڪرڻ کانسواءِ وضاحت جاري ڪئي، وضاحت چيف جسٽس آف پاڪستان جي اجازت کانسواءِ ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪئي وئي، پي ٽي آءِ جي وضاحت جي درخواستن تي ڄاڻ ناهي. اليڪشن ڪميشن جي ٻڌڻي ڪٿي ٿي؟ جسٽس جمال خان مندوخيل پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ لکيو ته سپريم ڪورٽ عدالتي فيصلي ذريعي آئين کي مصنوعي لفظن ۾ نٿو ٺاهي سگهي، آرٽيڪل 51 ۽ 106 بلڪل واضح آهن، سني اتحاد ڪائونسل جي ڪنهن به اميدوار عام چونڊن ۾ حصو نه ورتو. آزاد ميمبر سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿي ويا، سني اتحاد ڪائونسل به مخصوص عهدن لاءِ ڪا لسٽ پيش نه ڪئي.سني اتحاد ڪائونسل آزاد اميدوارن جي بنياد تي مخصوص سيٽن لاءِ اهل ناهي. تحريڪ انصاف جي اميدوارن ۾ ڪيترائي وڪيل به چونڊ وڙهي رهيا هئا، تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چيلينج نه ڪيو جنهن ۾ کين آزاد اميدوار قرار ڏنو هو.