اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سندس ذاتي راءِ آهي ته جسٽس يحيٰ آفريدي کي چيف جسٽس بڻايو وڃي. جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ جي گروپ بندي ۾ غير جانبدار رهيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هاءِ ڪورٽ جي جن ججن ۾ سپريم ڪورٽ جو جج بڻجڻ جي صلاحيت آهي ۽ انهن کي آئيني بينچ ۾ وٺي سگهجي ٿو. هن چيو ته هڪ هفتي اندر آئيني بينچ ٺاهي ويندي، 5 ججن تي مشتمل آئيني بينچ ٺاهي سگهجي ٿي. راڻا ثناءُ الله چيو ته جنهن اصول تحت لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي چونڊ ڪئي وئي ان کي پارليامينٽ منظور ڪيو. جيڪڏهن ٽئين جج کي چيف جسٽس بڻايو وڃي ته باقي ٻن کي استعيفيٰ نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف جا ميمبر اجلاس ۾ نه اچن ته ٻه ڀاڱي ٽي ميمبر نالا فائنل ڪري سگهن ٿا.