ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جو نالو وٺڻ کانسواءِ کيس تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته آئيني ترميم تي سڀ متفق هئا، 90 اختلاف ڪندڙ به اتفاق ۾ هئا، رڳو هڪ شخص اتفاق ۾ نه هو. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته آصف علي زرداري 18هين آئيني ترميم سان آئين بحال ڪيو، شهيد بينظير جي خواهش هئي ته عدليه ۾ تبديليون اچن. هن چيو ته بلاول ڀٽو قائداعظم جي تقرير ۽ چارٽر آف ڊيموڪريسي جو به ذڪر ڪيو. انگن اکر مڪمل هجڻ باوجود بلاول اتفاق راءِ چاهي پيو. هن چيو ته عدليه جو سمورو وقت انهن ڪيسن تي خرچ ٿي وڃي ٿو، اسان چيو ته هي وقت عوامي ڪيسن تي خرچ ڪيو وڃي. محترمه شهيد 2006ع ۾ عدالتي سڌارن جو سوچيو ۽ چيو ته عدليه ۾ سڌارن کانسواءِ ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو. جيڪو ڪجهه به چئي سگهي، اهي متفقه ترميمون آهن، جيڪي عام ماڻهوءَ لاءِ ضروري هيون.