طئي ٿي ويو ته پارليامينٽ سپريم آهي: وزيراعظم

اسلام آباد ( م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڄ تاريخي ڏينهن آهي، آئين ۾ 26 هين ترميم ڪئي وئي آهي، هي قومي يڪجهتي ۽  اتفاق راءِ جي شاندار مثال هڪ ڀيرو ٻيهر قائم ٿي آهي، سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبلي مان 26 هين آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ قومي اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ هڪ نئون سج اڀرندو، جنهن سان سڄي ملڪ ۾ روشني ٿيندي، هن چيو ته محلاتي سازشن ذريعي حڪومتن کي گهر موڪليو ويندو هو، وزيراعظم جي موڪل ڪرائي ويندي هئي،  اڄ طئي ٿي ويو ته پارليامينٽ سپريم آهي، اڄ اهڙي آئيني ترميم ڪئي وئي آهي جنهن سان پاڪستان جو مستقبل مضبوط ۽ محفوظ ٿيندو، هن چيو ته هو نواز شريف سان گڏ شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ چاهي ٿو، بلاول ڀٽو ان ترميم لاءِ سچي دل سان ڪم ڪيو ۽ ڪوشش ڪئي، هو مولانا فضل الرحمان جو به ٿورائتو آهي، ڪاش پي ٽي آءِ به هن آئيني ترميم ۾ اچي ته ها ته سٺو هو، هائوس ۾ موجود ماڻهن ذاتي انا کي قربان ڪيو ۽ ان عظيم ڪارنامي کي انجام ڏنو، لامارا ڏيندڙ خطرناڪ ڪڪر جيڪي پاڪستان تي وسڻ چاهين پيا اُهي ختم ٿي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.