پشاور ( م ڊ ) ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته وفاداريون تبديل ڪندڙن کي نه ڇڏينداسين،نالارات تائين اچي ويندا، وفاداريون تبديل ڪيون انهن جو احتساب ڪيو ويندو، اسان کين نه ڇڏينداسين، کين ايترو آسانيءَ سان هضم ٿيڻ نه ڏينداسين.پنهنجي پيغام ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته جعلي مينڊيٽ سان حڪومت عدليه تي حملو ڪيو، جيڪڏهن پنهنجي مرضي جي ماڻهن کي ويهاري فيصلا ڪيا ڪندا ته پوءِ ادارا اڳتي نه وڌندا، رات جي اونداهي ۾ غير آئيني قدم کنيو ويو، غيرآئيني ترميم صرف اشرافيه کي فائدو ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اڄ رات تائين نالا اچي ويندس ڪنهن کي به ماڻهو کي نه ڇڏينداسين، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو آهي ته وفاداريون تبديل ڪرڻ وارن کي بخش نه ڪيو ويندو.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته اسان جا سمورا سينيٽر ۽ ايم اين اي جن پنهنجو ضمير وڪڻي ڇڏيو اهي غدار آهن، انهن جي پارٽي رڪنيت فوري طور معطل ڪئي وڃي، اسد قيصر چيو ته اسان جا سمورا سينيٽر ۽ ايم اين اي جيڪي پنهنجو ضمير وڪڻي ويا اهي غدار آهن، پارٽي کي گهرجي ته انهن غدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري، انهن جي پارٽي رڪنيت فوري طور معطل ڪئي وڃي.