حيدرآباد ۾ 23 نومبر تي رواداري مارچ جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ رواداري ايڪشن ڪميٽي، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي سمورن قاتلن، سهولتڪارن ۽ قتل لاءِ اتساهيندڙ  شرپسندن توڙي لاش جي تذليل ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچڻ ۽ قاتلن کي هار پارائي سندن استقبال ڪندڙ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي امير علي شاهه کي ڊي سيٽ نه ڪرڻ جي صورت ۾ 23 نومبر تي حيدرآباد ۾ هڪ دفعو ٻيهر رواداري مارچ ڪرڻ اعلان ڪيو آهي. ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي روادري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سنڌو نواز گهانگهرو، زهرا خان، عاليه بخشل، قاضي خضر، ناصر منصور، امداد چانڊيو، ڪامريڊ اظهر ۽ امر سنڌو چيو ته 13 آڪٽوبر تي ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران سنڌ جي شعور، فن ۽ سياست تي جهڙي ريت حڪومت حملي آور ٿي اهو سڀ ڪنهن جي سامهون آهي، اسان هر فرد، فورم، سماجي ۽ سياسي تنظيمن، صحافين ۽ وڪيلن جا ٿورائتا آهيون جن ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ روادار سنڌ جي لاءِ ٿيل پرامن مارچ جي اخلاقي مدد ڪئي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت جون ٻٽيون پاليسيون اسانجي سامهون آهن، هڪ پاسي هو پُرامن احتجاج تي تشدد ڪن ٿا ۽ ٻي پاسي معافي وٺن ٿا وري ٽين پاسي اسان جي پُرامن ساٿين مٿان ايف آئي آر ڪٽرائين ٿا، احتجاج ۾ شامل ٿيندڙ ڪارڪنن کي هيسايو پيو وڃي. اسان کين ٻُڌائڻ گهرون ٿا ته اسان ڪنهن به ڊپ جو شڪار نه ٿينداسين ۽ پنهنجي حق پرست جدوجهد جاري رکنداسين. هنن چيو ته اها روادار سنڌ جي مزاحمت آهي جنهن ڪري حڪومت اسان جي ڪجهه مطالبن کي مڃڻ تي مجبور ٿي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس جي جاچ ڪميٽي بجاءِ عدالتي جاچ ڪميٽي جي قيام لاءِ شروعات ٿي آهي، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قبر ڪُشائي ۽ ان جو پوسٽ مارٽم به ٿي ويو آهي. پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ به ظاهر ٿي آهي جنهن مان خبر پئي ٿي ته ڊاڪٽر شاهنواز تي بدترين تشدد ٿيل هو ۽ هُن جون ڪيتريون هڏيون ڀڳل هيون. جنهن مان مان اهو به ظاهر ٿيو ته اڳوڻي رپورٽ ڪوڙي ۽ قاتلن جي مرضي واري هُئي. هنن چيو ته اسان اڃا ڪجهه رهيل مطالبن کي وري ورجايون ٿا ته عدالتي جاچ ڪميٽي جي رپورٽ مڪمل ٿيڻ شرط عوام آڏو پڌري ڪئي وڃي، پنهنجي عهدي جو ڪوڙو قسم کڻندڙ ۽ اڳ ۾ ڪوڙي رپورٽ ڏيندڙ ڊاڪٽرن سميت ڊاڪٽر شاهنواز جي قاتلن ۽ انهن کي هُشي ڏيندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي، عمرڪوٽ جي عوام جي ووٽ تي اسيمبليءَ ۾ ويٺل پوليس ۽ انتهاپسندي جا سهولتڪار ٿيا بيٺا هئا انهن کي اسيمبليءَ مان ڪڍيو وڃي. سنڌ ۾ بدامني، مذهب ۽ سياست جي نالي ۾   شهرين جي عدالتن کان مٿانهن قتلن جي پاليسي کي بند ڪيو وڃي. هنن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته هي سمورو نظام ڳري سڙي ويو آهي ۽ ان جي لاءِ فيصلائتي ويڙهه لازمي طور عوام ۽ سنڌ دوست سياسي، سماجي تنظيمن جو اتحاد ڪري سگهي ٿو، پر ڊاڪٽر شاهنواز جي قاتلن جي گرفتاري تائين ۽ سنڌ جي رواداري جي سوال تي هي سنڌ رواداري ايڪشن ڪاميٽي سرگرم رهندي. هنن واضح ڪيو ته جيڪڏهن اسانجا مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته اسان هڪ دفعو وري عوام ڏانهن وينداسين ۽ 23 نومبر ڇنڇر جي ڏينهن تي  حيدرآباد ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي شعور، فن ۽ مزاحمت کي ٻيهر گڏ ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.