آئيني ترميم ۽ عام ماڻھن جا مسئلا

جيتوڻيڪ حڪومتي ۽ ان جي حمايتي جماعتن سرٽوڙ ڪوشش بعد ان ڳالھھ کي ممڪن بڻائي ورتو آھي تھ 26 ھين آئيني ترميم ٿي وڃي، جنھن جا ھاڻي امڪان ڪافي چٽا نظر اچي رھيا آھن،گذريل ڪافي وقت کان ان ترميم تي سياسي اتفاق راءِ جي لاءِ ڪوشش جاري ھئي.جنھن ۾ ڪافي قدر سياسي ڌرين کي ڪاميابي حاصل ٿيڻ جا امڪان نظر اچي رھيا آھن. ان ھوندي بھ اھو سوال پنھنجي جاءَ تي موجود رھندو تھ ڇا ان آئيني ترميم بعد ملڪ ۾ استحڪام ٿي ويندو يا وري بي يقيني واري ڪيفت ختم ٿيڻ جي ڪا اميد پئدا ٿي سگھندي ؟ اھي اھڙي سوال آھن جن جو موجودھ سياست سان گھرو تعلق آھي.

ان حوالي سان 26هين آئيني ترميم جي مسودي تي سياسي پارٽين جي اتفاق کانپوءِ حڪومت ان جي منظوري لاءِ پارليامينٽ ۾ انگ مڪمل ڪرڻ جو اشارا ڏئي رھي آھي، موجوده صورتحال ۾ ان جي منظوري لاءِ پارليامينٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ضروري آهي.

عام خيال ھو تھ فيبروري جي چونڊن بعد ملڪ ۾ ھڪ جٽادار حڪومت واڳ سنڀاليندي جنھن سان ملڪ  ۾ جاري سياسي،معاشي ۽ آئيني بحران تي ضابطو اچي ويندو پر ٿيندڙ چونڊن بعد آيل نتيجن سمورو قصو ئي ابتو ڪري ڇڏيو.چونڊن کان اڳ ۽ چونڊن بعد جي صورتحال ۾ ڪو خاص فرق نھ آيو،جنھن بابت ھن وقت تائين ڪافي جائزا،تجزيا ۽ تبصرا سامھون اچي ويا آھن.پر انھن سڀني ۾ اھا ڳالھھ چٽي آھي تھ ھر ڀيري جيان  ٿيندڙ ملڪ ۾ ٿيل آخري چونڊن ۾ بھ نھ رڳو ڪنھن ھڪ پر سمورين سياسي جماعتن جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو.

ان ھوندي بھ ملڪ جا معاملا تھ ھلڻا ئي آھي ان ڪري ھڪ مسلم ليگ ن تي اھا مھرباني ڪئي وئي ۽ اھو اٽل اصول آھي تھ ڪمزور حيثيت ۾ واڳ وٺڻ جو مطلب ھوندو آھي تھ واڳ وٺندڙ اقتدار ۾ ھوندي پنھنجي وزن موجب فيصلن جو اختيار رکندو جڏھن تھ باقي ڌرين وٽ بيوس رھندو.ھن وقت جيڪو  ڪجهه ھن ملڪ ۾ٿي رھيو آھي ڀلي کڻي اھو قانون ۽ آئين جي دائري ۾ ھجي پر ان کي عوامي حمايت نھ ھئڻ برابر آھي، اھو ئي سبب آھي جو اقتدار سنڀاليندڙ سياسي جماعت وٽ اختيار استعمال ڪرڻ کان لاچار آھي.

پاڪستان ھڪ اھڙو ملڪ آھي جتي آئين ۽ قانون ۾ جيڪو  ڪجهه لکيل آھي ان تي ڪڏھن بھ مڪمل عمل نھ ٿيو آھي.جنھن ڪري مني صديءَ جي عرصي گذرڻ باوجود ملڪ جي عام ماڻھو جا ڏک  ُسور نھ رڳو ختم نھ ٿيا آھن پر ھر گذرندڙ ڏينھن انھن ۾ اضافو ڪري رھيو آھي.

ھن وقت سموري ڪوشش آھي تھ ھر صورت ۾ آئين ۾ 26 ھين ترميم ڪئي وڃي،جنھن جي لاءِ مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪافي سرگرم آھن، ايوان ۾ ميمبرن جي گھربل انگ پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪافي ڏينھن کان جي يو آءِ  ف جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان کي راضي ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش جاري آھي.جنھن ۾ھن ڀيري ڪاميابي ملڻ جو چٽو امڪان ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي.

جمھوريت جي رواجي معنيٰ تھ اھا آھي تھ عوام پاران عوام جي لاءِ جوڙيل حڪومت، جنھن ان جي وڌيڪ چٽائي ھئين ٿيندي آھي تھ ملڪ قانون موجب ھلندو آھي، اھو قانون عوام جا چونڊيل نمائندا ٺاھيندا آھن، انھن تي حڪومت جا ادار عمل ڪرائيندا آھن ۽ انھن ۾ ڪنھن گھٽ وڌائي جي صورت ۾ عدليھ جو ھڪ سگھارو ادارو موجود ھوندو آھي جيڪو ان جي وضاحت ڪندو آھي.

اھوسڀ  ڪجهه ملڪ جي آئين ۽ قانون ۾صاف ۽ چٽو لکيل آھي پر بدقسمتي سان عرصي کان ان تي مڪمل طور عمل نھ ٿيڻ جي ڪري ان مان عوام کي ڪو بھ لاڀ حاصل نھ ٿي رھيو آھي.جنھن سان ماڻھو بي يقيني ۽ ڳڻتي جو شڪار ٿئي ٿو ۽ ان وڌندڙ پريشاني کي اپوزيشن جون جماعتون استعمال ڪن ٿيون ۽ ملڪ ۾وري ڪنھن نھ ڪنھن صورت ۾ ھڪ پٺيان ٻيو نئون مسئلو پئدا ٿيندو رھي ٿو.

حڪومت پاران جنھن طريقي سان ڪوشش ڪئي پئي وڃي ان مان تھ اھو لڳي رھيو آھي تھ آئيني ترميم اڄ نھ تھ سڀاڻي منظورٿي ويندي، پر اصل سوال وري بھ پنھنجي جاءِ تي موجود رھندو تھ ان سان عام ماڻھن جي حق جو ڪھڙو تحفظ ٿيندو ؟ عام ماڻھوءَ  جي مٿان ڳچ وقت کان اضافي مڙھيل بجلي جي في يونٽ جي قيمت ۾ ڪئين گھٽتائي ممڪن ٿي سگھندي يا وري ان سان گئس جي وڌايل ڳاٽي ٽوڙ بلن  ۾ ڪئين عام ماڻھن جي لاءِ فرق پوندو  ؟

ھن وقت بھ ملڪ ۾ عام واھپي جي شين جا اگھھ وڌي رھيا آھن، ھڪ عام شخص جي ڪمائي ۽ ان جي سراسري پگھار جي ڀيٽ ۾ سندس زندگيءَ گذارڻ جي لاءِ گھربل اسمن جي قيمت  ايتري وڌيل آھي جو ھن جو گذر ڪرڻ انتھائي مشڪل بڻيل آھي.سو عوام اھو سوال ڪرڻ ۾ حق بجانب آھي تھ حڪومت توڙي حڪومت جي حمايت ۽ تائيد ڪندڙ سياسي جماعتون ملڪ جي آئين ۾ 26 ھين ترميم واري چوٽيءَ تھ ضرور سر ڪري وينديون. پر ان سان عوام جي روز مرھ زندگيءَ تي ڪھڙو فرق پوندو.

ملڪ ۾ جاري سياسي استحڪام ڪئين ختم ٿيندو ۽ ملڪ جي ماڻھن جي سياسي،سماجي ۽ انساني حق ان ھڪڙي ترميم سان ڪئين محفوظ بڻجي ويندا.جيڪڏھن ڪنھن قسم جوعوام جي حياتيءَ تي ڪو فرق پئي ٿو تھ ان ۾ عوامي شموليت ھوندي پر جيڪڏھن ڪنھن بھ سطح تي ائين نھ ٿو ٿئي تھ ان سان عوام  تي پيل بار ھلڪو نھ ٿيندو.

آئيني ترميم سان ممڪن آھي مستقبل ۾ ملڪ جي آئين ۽ قانون جي حڪمراني تي ڪو فرق پئي يا ڪن خاص مقصدن جي لاءِ اھو قانون استعمال ۾ اچي پر ان جو فوري طور عوام کي ڪو بھ فائدو رسندو نظر نھ ٿو اچي.

حڪومت جيڪو  ڪجهھ ڪري رھي آھي اھو پنھنجي ۽ مٿين طبقن جي بقا ۽ انھن جي تحفظ جي لاءِ يقينن ھڪ ھاڪاري عمل ھوندو پر ھئڻ ائين گھرجي تھ اقتدار ۾ويٺل جماعت عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪي اھڙا قدم کڻي جنھن سان روزگار جا رستا کلن ۽ ماڻھن جي زندگيءَ جي معيار تي مثبت فرق پئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.