اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڄ تاريخي ڏينهن آهي، آئين ۾ 26 هين ترميم ڪئي وئي آهي، هي قومي يڪجهتي ۽ اتفاق راءِ جي شاندار مثال هڪ ڀيرو ٻيهر قائم ٿي آهي.
سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبلي مان 26 هين آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ قومي اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ هڪ نئون سج اڀرندو، جنهن سان سڄي ملڪ ۾ روشني ٿيندي.
هن چيو ته محلاتي سازشن ذريعي حڪومتن کي گهر موڪليو ويندو هو، وزيراعظم جي موڪل ڪرائي ويندي هئي، اڄ طئي ٿي ويو ته پارليامينٽ سپريم آهي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته اڄ اهڙي آئيني ترميم ڪئي وئي آهي جنهن سان پاڪستان جو مستقبل مضبوط ۽ محفوظ ٿيندو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو نواز شريف سان گڏ شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته بلاول ڀٽو ان ترميم لاءِ سچي دل سان ڪم ڪيو ۽ ڪوشش ڪئي، هو مولانا فضل الرحمان جو به ٿورائتو آهي.
وزيراعظم چيو ته ڪاش پي ٽي آءِ به هن آئيني ترميم ۾ اچي ته ها ته سٺو هو، هائوس ۾ موجود ماڻهن ذاتي انا کي قربان ڪيو ۽ ان عظيم ڪارنامي کي انجام ڏنو.
شهباز شريف چيو ته لامارا ڏيندڙ خطرناڪ ڪڪر جيڪي پاڪستان تي وسڻ چاهين پيا اُهي ختم ٿي ويا آهن.
Prev Post
You might also like