صدر جي صحيح کانپوءِ گزٽ نوٽيفڪيشن جاري، 26هين آئيني ترميم لاڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري 26هين آئيني ترميم تي صحيح ڪري ڇڏي.
گذريل ڏينهن ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ٻنهي ايوانن 26 هين آئيني ترميم جي منظوري ڏني جنهن ۾ حڪومت ٻنهي ايوانن ۾ پنهنجي اڪثريت ثابت ڪئي.
ڪابينا ۽ ٻنهي ايوانن مان منظوري کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف 26هين آئيني ترميم پارليامينٽ مان منظوري بعد منظوري لاءِ صدر آصف علي زرداري کي اماڻي هئي.
پارليامينٽ مان منظور ٿيڻ بعد وزيراعظم شهباز شريف آئيني ترميم منظوري لاءِ صدر کي اماڻڻ واري ايڊوائس تي صحيح ڪئي.
صدر آصف علي زرداري جي صحيح کانپوءِ 26هين آئيني ترميم باضابطا آئين جو حصو بڻجي وئي، جنهن جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
ڇويهين آئيني ترميم جو گزٽ نوٽيفڪيشن قومي اسيمبليءَ طرفان جاري ڪيو ويو، جنهن بعد 26 هين آئيني ترميم بل 2024 ايڪٽ آف پارليامينٽ بڻجي ويو.
گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد 26هين آئيني ترميم لاڳو ٿي وئي جنهن کانپوءِ چيف جسٽس جي مقرري ٽي ڏينهن اڳ ٿيندي ۽ چيف جسٽس جي مقرريءَ نالا موڪلڻ لاءِ 35 ڪلاڪن جو وقت باقي آهي.
چيف جسٽس 22 آڪٽوبر رات 12 وڳي تائين ٽي نالا آئيني ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جو پابند آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.