پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊ بابت نظرثاني درخواست خارج

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي انٽرا پارٽي چونڊ بابت نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف جي وڪيل حامد خان نظرثاني درخواست لاءِ لارجر بئنچ جوڙڻ جي اپيل ڪئي.
سپريم ڪورٽ موجب، عدالت ڌرين ۽ وڪيلن کي هڪ وڌيڪ موقعو ڏنو، پر ڪيس تي دليل نه ڏنا ويا، عدالت جي 13 جنوري واري فيصلي ۾ ڪا به غلطي ثابت نه ڪئي وئي، تنهنڪري نظرثاني درخواست خارج ڪئي وڃي.
پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر عدالت کي آگاهه ڪيو ته آئيني ترميم ٿي چڪي آهي انڪري سپريم ڪورٽ هاڻي اِهو ڪيس نه ٻڌي.
جنهن تي جيف چسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته في الحال هن ترميمون ناهن ڏٺيون ۽ کيس ان معاملي بابت ڪا ڄاڻ ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.