لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه ڪيس: خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪِ انصاف جي لانچ مارچ ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.
لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه ڪيس جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ٻڌڻي ڪئي، پي ٽي آءِ وڪيل سردار مصروف ۽ ٻيا پيش ٿيا.
علي امين گنڊاپور جي مسلسل غير حاضري تي عدالت ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا.
فيصل جاويد طرفان حاضري کان ڇوٽ جي درخواست عدالت منظور ڪري ورتي جڏهن ته غير حاِري تي علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.