ترڪيه: ناليوارو مذهبي اڳواڻ فتح گولن لاڏاڻو ڪري ويو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) ترڪيه جو ناليوارو مذهبي اڳواڻ فتح الله گولن 83 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ترڪيه جي مشهور مذهبي اڳواڻ فتح گولن آمريڪا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
فتح الله گولن 1999ع کان آمريڪا ۾ پاڻمرادو جلاوطني جي زندگي گذاري رهيو هو.
فتح الله گولن ڪير هو؟
فتح الله پنهنجي اسلامي تحريڪ جنهن کي هزمت يا” خدمت “ تحريڪ پڻ چيو ويندو جو باني هو، جيڪا زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ خدمتون انجام ڏيندي آهي جڏهن ته هن پنهنجو نظريو پکيڙڻ لاءِ ترڪيه سميت دنيا جي سئو کان وڌيڪ ملڪن ۾ اسڪولن جو ڄار وڇايو.
ترڪيه ۾ فوجي بغاوت ۽ گولن تحريڪ جو ڪردار
فتح الله گولن تي 2016ع ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردگان خلاف فوجي بغاوت جو الزام هو، ناڪام بغاوت کانپوءِ فتح الله فولن جي تنظيم تي پابندي مڙهي ترڪيه ۾ تنظيم واڳيل هزارين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.
ان کانپوءِ فتح الله گولن الزامن جي ترديد ڪندي چيو ته اسان پنجن ڏهاڪن دوران ڪيئي دفعا فوجي بغاوتن کي منهن ڏنو، فوجي بغاوتن جو مقابلو ڪرڻ وارن مٿان اهڙو الزام سندن توهين آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.