اھو کڻي نه ٿيو آھي پر جيڪي ريپ ٿي رھيا آھن اُھي ؟

تحرير: وسعت الله خان

مون کي  ناهي معلوم  ته لاهور جي ڪنهن تعليمي اداري ۾ ريپ ٿيو  آهي يا اهو ريپ صرف سوشل ميڊيا اڪائونٽس ۾ ئي ٿيو. ظاهري طور تاحال ڪنهن به فرد، لاڳاپيل تحقيقاتي ادارن يا سوشل ميڊيا هينڊلرز کي ڪنهن به قسم جو ڪو به ثبوت نه  مليو آهي ۽ نه ئي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ان مبينا ريپ  جي ڇنڊ ڇاڻ جي پٽيشن داخل ڪندڙ مدعي ڪنھن ثبوت ھٿ اچڻ  جي دعويٰ ڪئي آهي.پر نئين جي ڪاوڙ اڃا به ٿڌي نه ٿي رھي آهي. ان کي پڪو  پختو يقين آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جي هٿ ۾ ڪو ثبوت نه آهي ته پوءِ پڪو پڪو  ان کي وڏي مهارت سان لڪايو پيو وڃي.اهو ُپريقين شڪ  رڳو نئين جي ميراث نه آهي، پر اھو سڀ ڪجهه، ھن کي انھن ٻڍن کان ورثي ۾ ميلو آھي. جن دنيا کي ان موڙ تي پهچائي ڇڏيو  تھ  ڪاري ۽ اڇي کان سواءِ هر رنگ نظر اچي رھيو آھي.

مثال طور، جڏهن آمريڪي ۽ برطانوي دعوائن جي ابتڙ ڪنهن به بين الاقوامي معاني ڪندڙ کي عراق ۾ وڏي پئماني ۾تباهي ڦھلائيندڙ هٿيارن يا دهشتگردن کي انهن هٿيارن جي مبينا فراهمي جو ڪو ڪمزور ثبوت بھ نه مليو تھ آمريڪي بچاءَ واري وزير ڊونلڊ رمزفيلڊ  ڇنڊڇاڻ جي نتيجن کي تسليم ڪرڻ بدران، ھي فلسفو پيش ڪيو.مان  انھن رپورٽن مان هميشه لطف اندوز ٿيندو آهيان جن ۾ چيو ويو ھجي تھ جيڪو توهان سوچي رھيا آھيو، اھڙو ڪجهه آھي ڪو نھ .جيتوڻيڪ ڪجهه ڳالھين بابت  اسان سڀ ڄاڻون ٿا تھ اھي اسان کي معلوم آھن.  ڪجهه شين جي باري ۾ اسان کي اھو پتو آھي تھ  اسين نھ ٿا ڄاڻون پر ڪجهه ڳالھيون اهڙيون به آهن جن جي باري ۾ اسين نٿا ڄاڻون  تھ اسين انھن کان لاعلم  آھيون، ان جو مطلب اھو نھ آھي تھ جن ڳالھين کان اسين لاعلم آھيون انھن جو وجود نھ آھي.“

بھرحال سڄو ڏوھھ انھن ٻارن، ٻارڙين جو بھ نھ آھي جيڪي رمز فيلڊ وانگر عدم وجود کي وجود ثابت ڪرڻ تي ضد ٻڌي بيٺل آھن. شايد  تعليمي ادارن جي اندر ۽ ٻاھر انھن  بي يقينيءَ جي بادلن هيٺ ايتري قدر سماجي ۽ سياسي ٻوسٽ محسوس ٿئي ٿي جو اندر ٽھڪندڙ لاوي کي ٻاھر نڪرڻ جي لاءِ ڪو به عذر غنيمت ھجي.

اب بوئے گل نہ بادِ صبا مانگتے ہیں لوگ

وہ حبس ہے کہ لو کی دعا مانگتے ہیں لوگ

(جوش)

 

آخر اها نوبت ڇو آئي جو ھاڻي سچائي کي بھ ڪو فيس ويليو تي قبول ڪرڻ تي آمادھ نھ آھي.ان جو ھڪ ذميدار شايد اھو ميڊيا آهي، جنهن کي اڌ سچ يا من مرضي سچ جي پئداواري فئڪٽري ۾اسٽيبلشمينٽ خاص حد تائين ڪاميابي سان جھونڪي ڇڏيو آھي.اهي ڏينهن ويا جڏهن تحقيقي صحافت جي حوصلھ افزائي ۽ ان جو قدر ڪيو ويندو ھو. هاڻي تھ ”بليڪ ميل ٿي وڃي يا بليڪ ڪي وٺو“ جو چلن آھي. تلخ حقيقت جي پٺيان اڻڄاتل ماڻهو ۽ مذهبي ۽ سياسي فساد ڇڏيا ويا آهن. عوام جي سڌن بنيادي مفادن ۽ سلامتي بابت اطلاعت ۽ اندروني خانا گھوٽالن تائين رسائي کي ممنوع علائقو قرار ڏنو ويو آهي. هر محڪمي، ميڊيا هائوس ۽ سوچيندڙ ذهنن پنهنجي خرچ تي سيلف سينسر شپ مشينون لڳائي ڇڏيون  آهن.ان سان ٻيو تھ ڪجهھ به نه ٿيو، سچ جي اڃايل عام ماڻهوءَ جي انفرادي ۽ اجتماعي يقين  خودڪشي ڪري ڇڏي.هن جي ُڪلهي تي  ھاڻي ڪو مهربان هٿ پڻ محسوس ٿئي ٿو، ته هو مطمئن ٿيڻ جي بدران، اهو سوچي لرزي ٿو وڃي ته نھ ڄاڻ ھن  مھرباني جي پٺيان ڪهڙي ڪھڙي برائي  بيٺل ھوندي.حالت اھا آھي ته پاڇو پاڇي کان ڊڄي رھيو آهي.

اھڙي صورتحال ۾ڪهڙو سچ آهي ۽ ڪهڙو ڪوڙ؟ سڀ گڏوچڙ آھي پر  اھو نشي وارو حليم تيار ڪندڙن کي بھ گھربل سڪون ۽ نتيجا نه ملي رهيا آهن، بلڪه اھي پاڻ بھ بي يقيني جي ڌٻڻ ۾ انڌاڌنڌ پير ھڻي پاڻ کي وڌيڪ ڌٻڻ ۾ گچائي رھياآهن. جيڪڏھن اهو ثابت بھ ٿي چڪو آهي ته جنھن ميبنا ريپ پنجاب جي شهرن ۾ ھنگامو مچايو اھا رڳو سوشل ميڊيا جي شرارت آهي،تڏھن پڻ ان شرارت جا  نقصان ان کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ آهي جيترو  ٻڌايا پيا وڃن.

پهريون نقصان تھ اهو آهي ته اهي بزرگ جيڪي اڳي ئي ڇوڪرين کي اسڪول کان وڌيڪ  تعليم ڏيڻ جي خلاف آهن، اھڙين لکين نياڻين جو مستقبل مھربند ڪرڻ جي لاءِ انھن  واقعن جي صورت ۾ انهن بزرگن ۽ سرپرستن جي هٿن ۾ هڪ نئون هٿيار اچي ويو آهي.تنگ نظر مذهبي گروهه جيڪي شروع کان ئي نياڻين جي تعليم جا دشمن آهن، اهي هن وقت هڪ ئي ٽنگ تي نچي رھيا ھوندا.جنسي ھراساني  خلاف عورتن ۽ ٻارڙن جي جسماني ۽ ذهني تحفظ جي قانونن جي مسلسل سختي باوجود گذريل سال هن ملڪ ۾ ريپ جا اٽڪل 11 هزار واقعا رڪارڊ ڪيا ويا. جيڪي رڪارڊ تي نه اچي سگهيا آهن اهي الڳ آهن.

سڀ کان وڌيڪ واقعا سينٽرل پنجاب ۾ رجسٽر ٿيا. سسٽينبل سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن (ايس ايس ڊي او) مطابق 2022ع جي مقابلي ۾ 2023ع ۾ ريپ جي واقعن ۾ 16 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هلندڙ سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ ان شرح ۾ ڪا به گهٽتائي رڪارڊ نه ڪئي وئي آھي.

ريپ جا ڪيترائي ڏوهاري پڪڙيا وڃن ٿا.انهن تي مقدما به هلن ٿا  پر رڳو ڏيڍ کان ٻه سيڪڙو ڏوهارين کي سزا ملي ٿي ۽ انهن مان اڪثريت سزا مڪمل ٿيڻ کان اڳ مختلف قانوني ڪمزورين جي سبب ڇٽي وڃن ٿا.سماج ۾ انهن جي چرپر جي نگراني بدران انھن کي وري نارمل انسان جو درجو ملي وڃي ٿو.

اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن هڪ افواهي ريپ کي حقيقت سمجھيو وڃي ته پوءِ حيرت ڇو؟اڄ ئي مون فيس بوڪ تي هڪ عورت (نائله رفيق) جا تاثرات پڙهيا.پاڻ لکي ٿي تھ ” اسان پوسٽ ٽرٿ دنيا ۾ جي رهيا آھيون. اسان جي ٻارن لاءِ معلومات سستي ۽ سچائي مهانگي ڪئي وئي آهي. تنقيدي سوچ جي تربيت کي حرام قرار ڏنو ويو آهي. ميڊيا لٽريسي نالي جي ڪا به شيءِ نصاب جو حصو نه آهي، تنھڪري اسان جا ٻار بي ترتيب اطلاعاتي ٻوڏ  ۾ غوطا کائي رھيا آهن“” ھي پنھنجي حواسن ۾اچڻ ،جاڳڻ ۽ پنهنجي ٻارن کي هن جنگ ۾ بقا جا اوزار فراھم ڪرڻ جو وقت آھي نھ ئي پاڻ ئي پاڻيءَ جي وهڪري ۾ وھي وڃجي“.

اهي بزرگ جيڪي اڳي ئي ڇوڪرين کي اسڪول کان وڌيڪ  تعليم ڏيڻ جي خلاف آهن، اھڙين لکين نياڻين جو مستقبل مھربند ڪرڻ جي لاءِ انھن  واقعن جي صورت ۾ انهن بزرگن ۽ سرپرستن جي هٿن ۾ هڪ نئون هٿيار اچي ويو آهي.تنگ نظر مذهبي گروهه جيڪي شروع کان ئي نياڻين جي تعليم جا دشمن آهن، اهي هن وقت هڪ ئي ٽنگ تي نچي رھيا ھوندا.جنسي ھراساني  خلاف عورتن ۽ ٻارڙن جي جسماني ۽ ذهني تحفظ جي قانونن جي مسلسل سختي باوجود گذريل سال هن ملڪ ۾ ريپ جا اٽڪل 11 هزار واقعا رڪارڊ ڪيا ويا. جيڪي رڪارڊ تي نه اچي سگهيا آهن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.