سياسي اڳواڻ عوامي ڀلائي لاءِ متحرڪ ڇو نٿا ٿين؟

تحرير: مير ذوالفقار چانڊيو

ملڪ اندر خاص ڪري راڄڌاني واري شهر اسلام آباد ۾ گذريل ھڪ مھيني کان جيڪو بحث مباحثو هلي رهيو آھي سو اُھو آھي آئيني ترميم جو مسئلو جنھن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ پنھنجي پاڻ کي نالي ماتر اپوزيشن پارٽي سمجهندڙ پيپلز پارٽي جي اعلٰيٰ قيادت سان گڏوگڏ وزيراعظم شھباز شريف صدر پاڪستان آصف علي زرداري ميدان عمل ۾ سرگرم نظر اچي رھيا آھن خاص ڪري اسلام آباد ۾ حڪومتي ۽ اپوزيشن پارٽين ۾ ميل ملاقات جا سلسلا جاري آھن مولانا فضل الرحمان جو گھر سياسي ملاقاتن جو مرڪز بڻيل آھي ھڪڙا اچن پيا ٻيا وڃن پيا ڪيڏي مھل ته سڀ گڏجي ملن ٿا پر سياسي حال احوال بند ڪمرن ۾ ڏين ٿا آخر اڌ صديءَ کان پوءِ موجوده پارٽين کي ڪھڙي ضرورت پئي ته آئين ۾ ترميم ڪري ھاڻي ملڪ جي لاءِ ھڪ آئيني عدالت ٺاھي وڃي جنھن ۾ چئني صوبن جي نمائندگي شامل ھجي ترميم کي قومي اسيمبلي مان پاس ڪرڻ لاءِ سياسي ليڊرن ۾ ميل ملاقاتون ڏي وٺ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ھڪ آئيني ترميم کي پاس ڪرڻ لاءِ ملڪ جون چار وڏيون سياسي پارٽيون ڏينھن رات ھڪ ڪري سرگرم نظر اچي رھيون آھن مطلب ته نَنھن چوٽيءَ جو زور لڳائي اِنهيءَ آئيني ترميم کي پارليامنٽ مان منظور ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن.

آئيني ترميم جي منظوري لاءِ ھلندڙ ڪوششن کي ڏسجي عام ماڻھن جي ذھن ۾ ھڪ سوال گردش ڪري رهيو آھي ته آخر اھڙي آئيني ترميم غريب عوام جي لاءِ ڪڏھن پيش ٿيندي جنھن ۾ غريبن مسڪينن کي روٽي ڪپڙا اور مڪان گھر جي دروازي تي ڏنو وڃي يا وري صحت تعليم جون سهولتون کين فراھم ڪيون وڃن غريبن مسڪينن جي بنيادي حقن توڙي مسئلن جي حل لاءِ ائين ئي سڀني پارٽين کي گڏجي ھڪ آئيني ترميم پيش ڪرڻ گھرجي ته عوام جا بنيادي مسئلا بنا ڪنھن فرق جي سندن دروازي تي حل ڪيا وڃن جيئن غريب عوام مسڪين ماڻهو سڪون سان زندگي گذاري سگھي.

ھڪ آئيني ترميم جنھن جي عام ماڻهوءَ کي ڪا خبر چار ناھي ته ان جو فائدو ڪنھن کي ٿيندو ۽ نقصان ڇا ٿيندو پر ان ترميم جي لاءِ ملڪ جا نامور سياستدان ملڪ جي چئن وڏين پارٽين جا اڳواڻ سرگرم نظر اچي رھيا آھن پر افسوس ته غريب عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو ليڊر ڪا سياسي پارٽي اڳيان اچي ميل ملاقاتون ڪرڻ لاءِ سنجيدگي جو مظاھرو ڇو نٿي ڪري.

آخر ملڪ اندر ڪا ھڪ پارٽي ته اھڙي ھجي جيڪا عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ننھن چوٽي جو زور لڳائي ايوان مان ترميم پاس ڪرائي ته ھاڻي ملڪ مان بيروزگاري بدحالي جهالت جو خاتمو ڪيو وڃي يا غريبن مسڪينن کي سندن بنيادي حق ڏنا وڃن ملڪ ۾ ڪا ھڪ پارٽي نه رھي آھي جيڪا عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي جو مظاھرو ڪري پارليامينٽ اندر پنھنجو بنيادي ڪردار ادا ڪري غريبن مسڪينن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي جو مظاھرو ڪري پر افسوس ته جڏھن وڏين سياسي پارٽين کي سندن بنيادي مسئلن پگھار الائونس سرڪاري مراعتون يا اختيارن جو مسئلو درپيش اچي ٿو ته يڪدم سڀ گڏجي ترميم پيش ڪري قانون جو حصو بڻائن ٿا پر ان جي مقابلي ۾ جڏھن عوام جي حقن جي ڳالھه اچي ٿي ته انھن کان ترميم پاس ڪرائڻ ائين وسري ويندي آھي جيئن معزز ججن کي غريبن مسڪينن کي انصاف ڏيڻ وسري ويندو آھي آئيني ترميم جي منظوري کان پوءِ وقت جي حڪمرانن کي غريب مسڪين ماڻھن جي ڀلائي لاءِ ڪا ترميم پيش ڪرڻ گھرجي جنھن سان بک بيروزگاري بدحالي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ته بھتر ٿيندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.