سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبليءَ به 26 هين آئيني ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبليءَ به 26 هين آئيني ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران شروعاتي ٻن شقن ۾ جي شق وار منظوري دوران مخالف ڌر جي 12 ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو جنهن کانپوءِ اپوزيشن ميمبر بائيڪاٽ ڪري ايوان کان ٻاهر نڪري ويا.
ايوان ۾ 26 هين ترميم جي منظوري لاءِ حڪومت کي 223 ووٽ گهربل هئا جڏهن ته ترميم تي شق وار منظوري دوران 225 ميمبرن ترميم جي حق ۾ ووٽ ڪيو.
آئيني ترميم ۾ 6 ناراض ميمبرن به ووٽ ڏنا جن مان 5 جو واسطو پي ٽي آءِ جڏهن ته هڪ جو قاف ليگ سان ٻڌايو پيو وڃي.
آئيني ترميم لاءِ قومي اسيمبلي ۾ شق وار منظوري لاءِ ووٽنگ ڪرائي وئي ان دوران 225 ميمبرن 27 شقن جي شق وار منظوري ڏني.
ڇهويهن آئيني ترميم منظور ٿيڻ کانپوءِ اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق اجلاس اڱاري جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
آئيني ترميم جي شق وار منظوري کانپوءِ قانون واري وزير آئين ۾ ترميم باضابطا منظوري لاءِ پيش ڪئي جنهن کانپوءِ ڊويزن ذريعي آئيني ترميم جي منظوري ورتي وئي.
شق وار منظوري کانپوءِ 26 هين آئيني ترميم جي منظوري لاءِ ڊويزن ذريعي ووٽنگ ڪرائي وئي ، نواز شريف ڊويزن ووٽنگ ذريعي ووٽنگ جي عمل ۾ سڀ کان پهريون ووٽ ڏنو.
قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران آئيني ترميم پيش ڪرڻ جي تحريڪ تي ميمبرن بيهي ڪري ووٽ ڪيو، ترميم پيش ڪرڻ جي تحريڪ جي حق ۾ 225 ميمبرن ووٽ ڏنا جڏهن ته 12 اسيمبلي ميمبرن ترميم پيش ڪرڻ جي مخالفت کانپوءِ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪرڻ کانپوءِ اپوزيشن لابي ۾ موجود رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.