آمريڪا جا صدر ۽ مٿن ٿيندڙ حملن جي تاريخ

تحرير: رياض ابڙو 

آمريڪي صدرن تي جلسن دوران ڪيل فائرنگ جي تاريخ ڏاڍي ڊگهي آ، جنهن کي پڙهجي ۽ سوچجي ته اهڙا ملڪ جتي عام شهري، انهن جا مال ۽ انهن جون ملڪيتون ته محفوظ آهن، پر اتي انساني جانيون ڪنهن پکي جي شڪار جيان آهن، جو ڪير به شوٽ ڪري شڪار ڪري سگهي ٿو، ڪا به قانوني جهل پل ناهي. ڪنهن کان به آمريڪا اهي اختيار ناهن کسيا ته اهي ورَ ۾ پسٽول يا روالور هڻي نه هلن. آمريڪي شهرين کي اهي اختيار به آهن ته اهي واٽ ويندي ڪنهن کي به شوٽ ڪري سگهن ٿا جيڪا ڳالهھ آمريڪا ۾ تمام گهڻي عام آهي.

20 جنوري 2021 تي ڪيپيٽول ۾ جوبائيڊن جي حلف برداري تقريب دوران ٽرمپ جا غنڊا اندر ڪيپيٽول جي تاريخي عمارت ۾ گهڙي چار ماڻهو ماري هليا ويا. پر ان کانپوءِ جوبائيڊن رڳو آئين ۾ 25هين ترميم ڪرائي اڳوڻي صدر کان صوابديد کسي نائب صدر کي اختيار  ڏئي ڇڏيا، ته صدر جي حلف نه ٿو کڻائي يا نه ٿو کڻائڻ چاهي (جئين ڊونلڊ ٽرمپ ڪيو) ته ان جي جاءِ تي نائب صدر به حلف برداري جي تقريب ڪوٺائي سگهي ٿو. حقيقت اها به هئي ته ڊونلڊ ٽرمپ جوبائيڊن کي صدر مڃڻ لاءِ تيار نه هيو. ان ڪري هن جوبائيڊن کي قسم به نه کڻايو. پر ڳالهھ اها به آهي ته آمريڪي ڪانگريس، آمريڪي قانون ۽ اصول ۽ آئين ڊونلڊ ٽرمپ جو ڪجھه به نه بگاڙيو ۽ هو مست صدر ائين روڊن تي الست بڻيو گهمندو رهيو.  جڏهن ته مريڪي قانون ۾ اهو به آهي ته ڪير ماڻهو ڪنهن جي گهر جي ڀت تي، دوڪان جي ڀت تي، انهن جي گهر ڀرسان بيٺل گاڏي تي ڪا به چاڪنگ، ڪو به اشتهار نه ٿو هڻي سگهي، يا جنهن ماڻهوءَ اها حماقت ڪئي ته سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڊونلڊ ٽرمپ جي ريلي ۾ تقرير دوران فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ جاچ ڪندڙ ٽيم اڳوڻي صدر تي ممڪنا طور تي قتل جي ڪوشش سمجهي رهيا هيا. ماضيءَ ۾ ”ابراهام لنڪن“ ۽ ”جي ايف ڪينيڊي“ سميت آمريڪي صدرن يا صدارتي اميدوارن تي فائرنگ جا ڪجھه واقعا قابل ذڪر آهن، جن جا مثال ڏئي سگهجن ٿا. پر هڪڙي ڳالهھ مڃبي ته انهن صدرن جي مٿان ڪڏهن به ڪرپشن جي ڪا چارج ناهي لڳي، نه ئي اهي ڪڏهن پيسن جي هڙپ سازي ۾ جيل ڪٽي آيا هجن. پر بل ڪلنٽن تي رڳو مونيڪا ليونسڪي جي ڪري اخلاقي چارجز لڳا سي به هن ڪورٽ کان معافي وٺي جان ڇڏائي. پر 1995 کان وٺي 1997 تائين بل ڪلنٽن ڦاٿل رهيو ۽ آخرڪار  هن معافي ورتي. اتي وري ڳالهھ رونالڊ ريگن (1981) صدر ريگن جي ڳالهھ ڪيون، جنهن کي گوليون هنيون ويون ۽ سخت زخمي ٿي پيو هيو، جڏهن هو واشنگٽن جي ”هلٽن“ هوٽل ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هيو، حملو ڪندڙ ”جان هنڪلي جونيئر“ نالي شخص هيو، جنهن کي 2022 ۾ غير مشروط آزاد به ڪيو ويو هيو، ان حملي کانپوءِ صدر ”ريگن“ ٻارنهن ڏينهن اسپتال ۾ گذاريا. پر ان واقعي ۽ حملي ريگن جي مقبوليت کي وڌايو، ڇو ته هن پنهنجي صحت جي بحالي دوران صبر جو مظاهر ڪيو ۽ کل مذاق ڪندو رهندو هيو. ان کانپوءِ صدر جيرالڊ فورڊ (1975) کي سيپٽمبر 1975 ۾ عورتن پاران ڪيليفورنيا ۾ 17 ڏينهن جي عرصي ۾ ٻن ڌار ڌار قتل جي ڪوششن ۾ زخمي ڪيو ويو، پر بچي ويو هيو.

جارج والس (1972) جڏهن ڊيموڪريٽڪ صدارتي نامزدگي لاءِ مهم هلائي رهيو هيو، تڏهن جارج والس کي چار ڀيرا گوليون هڻي ماريو ويو هيو ۽ ”لارل“ ميري لينڊ جي هڪ شاپنگ مال ۾ هن تي حملو ڪري، اتي زندگي لاءِ مفلوج ڪري ڇڏيو هيو. والس تي قتل جي ڪوشش پنهنجي جاءِ تي پر هو پنهنجي علحيدگي پسند خيالن ۽ پاپولسٽ نعري بازي ۽ منفرد سياست جي لاءِ مشهور هيو، هن آمريڪا ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ ۽ ويٽنامي جنگي دور ۾ آمريڪي گهريلو تشدد جي امڪانن کي چٽو ڪيو هيو ۽ اهو امڪان ظاهر ڪيو هيو ته ويٽنامي جنگ آمريڪا اندر خانا جنگيءَ جا سبب ٿي سگهي ٿي.

صدر رابرٽ ايف ڪينيڊي (1968) جي ڀاءُ ”رو برٽ“ جيڪو ڊيموڪريٽڪ صدارتي نامزدگي لاءِ چونڊون وڙهيو، ان کي به لاس اينجلس ۾ ڪيليفورنيا جي هڪ ”سفير“ هوٽل ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هيو. ان قتل جو 1968 جي صدارتي چونڊن تي گهرو اثر وڌو هيو ۽ 1960 واري ڏهاڪي جي آخر ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪرڻ واري شهري حقن جي اڳواڻ مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر جي بيمار ٿيڻ کان صرف ٻه مهينا پوءِ ٿيو. هن جي زال جيڪي سان گڏ، ڊلاس، ٽيڪساس ۾ ”لي هاروي اوسوالڊ“ پاران قتل ڪيو ويو. ”وارين ڪميشن“ 1964 ۾ ان نتيجي تي پهتو ته لي هاروي اوسوالڊ هڪ اڳوڻو بحري ملازم جيڪو سوويت يونين ۾ رهندو هيو. ڪيترن ئي آمريڪن کي يقين آهي ”جان ايف ڪينيڊي“ جي موت آمريڪا جي سياست ۽ سماج ۾ هڪ وڌيڪ پرتشدد دور جي شروعات ڪئي هئي، جنهن ۾ ويٽنام جي جنگ ۽ شهري حقن جي جدوجهد جي پس منظر ۾ فرينڪلن ڊي روزويلٽ (1933) چونڊيل صدر جي حيثيت ۾ هڪ قتل جي ڪوشش جو نشانو بڻيو. هن فلوريڊا کي ڪو به نقصان نه پهچايو هيو، پر شڪاگو جو ميئر ”انتون سرملڪ“ هڪ حملي ۾ زخمي ٿيو هيو. ”ٿيوڊور روزويلٽ“ (1912) ٽرمپ وانگر ”ٽيڊي روزويلٽ“ وائيٽ هائوس لاءِ اڳوڻي صدر جي حيثيت سان مقابلو ڪري رهيو هيو، جڏهن هن کي ”ملواڪي وڪوسنسن“ ۾ فائرنگ ڪري زخمي ڪيو هيو. گولي جيڪا سڄي عمر سندس سيني ۾ پيل رهي، 50 صفحن واري تقرير ۽ اسٽيل جي چشمي واري پيتي هن جي کيسي ۾ سدائين رکيل هوندي هئي. مشهوري طور تي روزويلٽ فيصلو ڪيو هيو ته هو پنهنجي مقرر ڪيل تقرير کي گولي لڳڻ باوجود به جاري رکندو. وليم ميڪنلي (1901) کي ”بفيلو“ نيو يارڪ ۾ ”انارڪيسٽ ليون ڪيزولگوز“ پاران گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هيو. ابراهام لنڪن (1865) کي ”جان ولڪس بوٿ“ هڪ مشهور اداڪار ۽ ڪنفيڊرٽ نالي همراه واشنگٽن ۾ فورڊ جي ٿيٽر ۾ ”اسان جو آمريڪي ڪزن“ نالي هڪ ڊرامو ڏسندي قتل ڪيو هيو. ”بوٿ“ جو حملو، گهرو ويڙھ ۾ ڪنفيڊرٽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان ڪجهھ ڏينهن پوءِ هڪ وڏي سازش جو حصو رهيو، جنهن ۾ نائب صدر اينڊريو جانسن ۽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ وليم سيوارڊ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش شامل هئي.

ٽرمپ واري حملي ۾ ايف بي آءِ بيٿل پارڪ، پينسلوانيا ۾ 20 سالن جي ”ٿامس ميٿيو ڪروڪس“ کي اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مهم واري ريلي ۾ قتل جي ڪوشش ۾ شڪي طور سڃاڻي ورتو ۽ شڪي شخص کي سيڪريٽ سروس پاران ٿڏي تي گوليون هڻي قتل ڪيو، جنهن ٽرمپ جي اسٽيج ڏانهن فائرنگ ڪئي جتي ٽرمپ ڳالهائي رهيو هيو. ايف بي آءِ مطابق اها هڪ قتل جي ڪوشش هئي ۽ امڪاني گهريلو دهشتگردي جي شروعات، ان ڪري ڌريون واقعي جي جاچ ڪري رهيون آهن. آمريڪي رڪارڊ مطابق ڪروڪس هڪ رجسٽرڊ ريپبلڪن هيو ۽ ايندڙ 5 نومبر جي اليڪشن دوران هو به هڪ ووٽر هجي ها ڇو ته هو ووٽ ڏيڻ جو اهل هيو. ٿامس ڪروڪس 2022 ۾ بيٿل پارڪ هاءِ اسڪول مان گريجوئيشن ڪئي هئي، بيٿل پارڪ مطابق ڪروڪس هڪ خاموش شاگرد هيو، جيڪو اڪثر اڪيلو هوندو هيو، ۽ سماجي طور تي هڪ محتاط ۽ محفوظ شهري هيو. سندس هڪ اڳوڻي اسڪول جي ساٿي مطابق هو هڪ خاموش طبيعت ۽ سياست تي بحث ڪرڻ وارو شخص هيو ۽ هن ڪڏهن به چڙ ڏيارڻ واري ڳالهھ نه ڪئي هئي، پر حيرت اها به آهي ته هاڻوڪي جاچ ٽيم کي هن جي گاڏيءَ مان ڌماڪيدار مادو به مليو آهي، جنهن تي آمريڪي جاچ واريون ٽيمون ڳوڙهي تحقيق ڪنديون.

شروعاتي جاچ مان اها ڳالهھ واضح آهي ته استعمال ٿيل رائيفل هڪ طرز جي سيمي آٽوميٽڪ رائفل هئي، جيڪا قانوني طور تي خريد ڪئي وئي هئي. تحقيق ڪندڙن جو خيال آهي ته استعمال ٿيل هٿيار ڪروڪس جي پيءَ طرفان خريد ڪيو ويو، پر اهو واضح ناهي ته هو هٿيارن تائين ڪيئن پهتو ۽ ان جي دماغ ۾ ٽرمپ کي قتل ڪرڻ جي سازش ڇو آئي. حالانڪه هي شخص ڪنهن به طرح ڪنهن ذهني مرض جو شڪار نه هيو. ڪروڪس جڏهن 17 سالن جو هيو، تڏهن هن هڪ فلاحي تنظيم ”ايڪٽ بليو“ کي 15 ڊالر جو عطيو ڏنو هيو. جيڪا هڪ سياسي ايڪشن ڪميٽي طور ڪم به ڪندي هئي ۽ گڏوگڏ کاٻي ڌر ۽ جمهوريت پسند سياستدانن لاءِ پئسا گڏ ڪندي هئي. 2021 جي فيڊرل اليڪشن ڪميشن جي رڪارڊ مطابق عطيو ترقي پسند پروجيڪٽ لاءِ مختص ڪيو ويو هيو. بيٿل پارڪ ۾ جتي فائرنگ جو اهو واقعو پيش آيو، تنهن کانپوءِ ڪروڪس جي گهر جي چوڌاري گهٽين کي قانون لاڳو ڪندڙ اختيارين طرفان بلاڪ ڪيو ويو. قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن شوٽنگ جي جڳهھ تي ڪا به تڪڙي جانچ نه ڪئي يا اهلڪارن ٻين طريقن کي به استعمال نه ڪيو جن کي استعمال ڪندي قاتل جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ها ڪروڪس جي پيءُ ميٿيو ڪروڪس جيڪو 53 آهي هن جانچ ڪندڙ ٽيم کي ٻڌايو ته هو اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته آخر ٿيو ڇا، جنهن ڪروڪس کي مجبور ڪيو ته هو ٽرمپ تي حملو ڪري، يا ممڪن آ ته هن نظر ۾ ٽرمپ آمريڪي پاليسين جي خلاف سياست ڪندو هيو، ان ڪري هن ٽرمپ جي مٿان حملو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.