ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڌاڙيل راڄ خلاف 24 هين ڏينهن به ريلي، ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي+عرفان سومرو) ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي ۾ ڌاڙيلن پاران شهرين ۽ واپارين کي ڀتي جون چٺيون اماڻڻ ڌاڙن ڦرن خلاف آل پارٽيز  موومينٽ جي سڏ تي 24 هين ڏينهن  به احتجاج جاري مختلف  قوم پرست  مذهبي جماعتن سماجي تنظيمن  ۽ شهرين امن جي نگري امن ٿي چاهي جي نعرن سان  گڏ ڪنڌڪوٽ  پريس کان ايس ايس پي  آفيس  تائين  احتجاجي  ريلي  ۽  مين گيٽ  اڳيان  3 ڪلاڪ احتجاجي ڌرڻو هنيو، ڊاڪٽر ميهر چند،  حاجي حضور بخش مغل، اشوڪ ڪمار، دلمراد ڏاهاڻي،  ساگر ظريت بجاراڻي، سجاد  بروهي،عبدالعزيز سومرو،اڪرم باجڪاڻي غلام مصطفي ميراڻي والي ڏنوسنڌي جمال دين اوڳاهي،حافظ نصرالله چنا،حافظ نادربهلڪاڻي،جيوڻ سبزوئي محمدشهبان جکراڻي ۽ ٻين چيو ته عوام جو بنيادي حق امن امان آهي پر  رياست ۽  چونڊيل نمائندا خاموش ڇو آهن شهري ڦرجن پيا ماڻهو اغوا  ٿين ٿا روڊ رستا غير محفوظ آهن ادارا ڪجهھ  به  نه ڪري رهيا آهن خبر نه  ٿي پوي ته ماجرا   ڇا آهي ۽  عوام   کي ڌاڙيلن جي رحم  ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي،هنن چيو ته شھرين جي احتجاج کي مھينو ٿيڻ وارو آهي پر پوليس احتجاج کي جواز ڄاڻائي ڏوھارين خلاف ڪارروايون ڪرڻ بدران متاثر واپارين کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو آهي جيڪو عمل پوليس گردي آهي واپاري ڏوھارين جا سھولتڪار ھجن ھا ته احتجاج  ڇو ڪن ھا اصل سھولتڪار پوليس آهي ،هنن چيو ته ايس ايڇ اوز جا فرض شناس آفيسر ذريعي موبائل فون ٽريس ڪري سي ڊي آر ڪڍرائي  وڃي سڀ ڪجھ سامھون اچي ويندو سنڌ حڪومت،سردار، وڏيرا نه ٿا چاھين ته ڪنڌڪوٽ ضلعي سميت سنڌ ۾ امن امان قائم ٿي سگهي اسين احتجاجي تحريڪ ختم نه ڪنداسين سومر تي انڊس ھاءِ وي بند ڪنداسين ۽ ھلندڙ ھفتي اسلام آباد جو رخ ڪنداسين،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.