اسلام ڪوٽ(ت ر)اسلام ڪوٽ ڀرسان ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ ڀائرن هٿان ڀاءُ قتل،ٽن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن ڏوھ جو به اعترف ڪري ورتو، اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ گلو جو تڙ ۾ 3 هفتا اڳ پراسرار نموني فوت ٿيل 25 ورهين جو نوجوان حاجي محمد ڳاهو کي سندن ئي ڀائرن پاران پنهنجي هاري سان گڏجي ڪهاڙي جا ڳن هڻي ۽ ٽوال سان گهٽا ڏيئي قتل ڪرڻ جو واقعو سامهون آيو آهي،انهي سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ پوليس فوتي جي سالي علي گوهر ڳاهو جي فرياد تي فوتي نوجوان جي ٻن ڀائرن سومرو ولد الهبچايو ۽ محمد ولد الهبچايو سميت سندن هاري جيوو ڪولهي مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي،داخل ٿيل ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته ڪافي عرصي کان منهنجي ڀيڻيي سان سندن ڀائر گهرواڻبڻت سبب نه ٺهندا هئا،گذريل مهيني جي 27 تاريخ تي منهنجو ڀيڻيويو پنهنجون ڍڳيون ڪاهي جهنگ ۾َچارڻ ويو جتي سندن ڀائرن ۽ هاري قتل ڪري اوچتو فوت ٿيڻ جو ڊرامو رچايو هو ،