ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ آپريشن، واٽهڙو سميت 2 ڄڻا مارجي ويا

خانپور ( ن ع آ ) خانپور تعلقي جي ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ شڪارپور پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن سان  گڏ  پوليس جي ڏوھارين جي خلاف آپريشن جاري پوليس  فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ گولا فائر لڳڻ سبب ڏوھاري حاڪم عرف حاڪو تيغاڻي مارجي ويو جڏھن ته ھڪ واٽھڙو پيرسن جاڳڻ تيغاڻي به مارجي ويو آھي، شڪارپور پوليس جي پريس پڌرائي جاري ڪندي وڌيڪ چيو آھي ته رينجرز جي جوانن سان گڏ شڪارپور پوليس جي جوانن پارن ڳڙھي تيغي جي ڪچي ۾ ڏوھارين جي خلاف آپريشن جاري آھي ڌاڙيل نثار سبزوئي گينگ ۽  ان جي ساٿين سان پوليس پاران آپريشن ڪيو پيو وڃي پوليس تي ڌاڙيلن فائرنگ ڪئي پوليس به جوابي فائرنگ ڪئي فائرنگ جي ڏي وٽ م 20 لک انعام يافتہ ڦر ، ڌاڙن ۽ اغوا، قتل  سميت مختلف ڪيترن ڪيسن ۾ گھربل ڏوھاري حاڪم عرف حاڪو تيغاڻي مارجي ويو آھي ۽ ان سان گڏ جاڳڻ تيغاڻي زخمي ٿي پيو ھو جيڪو به بعد ۾ علاج دوران  فوت ٿي ويو آھي، شڪارپور پوليس کي مارجي ويلن ڏوھاري جو لاش ھٿ نه اچي سگھيو آھي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.