ڪنڌڪوٽ پوليس هندو برادري خلاف رڻ ٻاري ڏنو، 6 ڄڻا ٿاڻي کڻي وئي

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌ ڪوٽ پوليس ڏوھارين، ڌاڙيلن خلاف ڪارواين بدران ھندو برادري خلاف رڻ ٻاري ڏنو. ڏوھارين پاران واپارين کان ڀتو وٺڻ بعد ھاڻي پوليس به ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون. احتجاج  کي روڪڻ لاءِ گذريل ڏينهن ٻن ھندو نوجوانن کي سھولتڪار ھجڻ تي گرفتار ڪيو ويو. مٿن دھشت گردي جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد وڌيڪ ھڪ نوجوان اويناش کي نجي گاڏي ۾ آيل بنا وردي جي اھلڪارن مسڻ موڙ کان کنڀي گم ڪري ڇڏيو جنهن جو ڪو به ڏس پتو نه پيو. نوجوان جي وارثن گھنشام داس، نانڪ رام، ڪيلاش ڪمار ۽ ٻين پوليس گردي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ھڪ منصوبي تحت ھندو برادري کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي. متاثرن کي پوليس جاچ جي نالي تي گرفتار ڪري رھي آهي. اويناش سان گڏ ويٺل سندس دوستن بنٽي ڪالاڻي، نانڪ، سنديش، ساگر، شوم، ساگر سميت ڪجھ ماڻھن کي سي سيڪشن پوليس گھرائي سڄو ڏينهن ٿاڻي تي بناجواز رکيو. اھڙي عمل خلاف ھندو برادري ٿاڻي پهتي. خبر فائل ٿيڻ تائين پوليس ڪنهن کي به آزاد نه ڪيو. شھرين الزام لڳايو ته امن جي بحالي لاء شروع ڪيل تحريڪ کي روڪڻ لاء پوليس تحفظ بدران ڏوھارين جي سھولتڪار ٿي ھندو برادري کي جاچ جي نالي تي گهرائي خوار ڪري رھي آهي جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.