مشاورت بعد آئيني ترميمن جو مسودو پبلڪ ڪيو ويندو: ايڊيشنل جنرل

پشاور(م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ تجويز ڪيل آئيني ترميمن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 22 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، چيف جسٽس اشتياق ابراهيم جي سربراهي ۾ 3 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل ثناءُ الله موقف اختيار ڪيو ته اٽارني جنرل ڪنهن کي به نامزد نه ڪيو آهي، اهڙو ئي ڪيس 17 آڪٽوبر تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر آهي، ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي، جسٽس ارشد علي پڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪهڙو ڪيس آهي؟ ڇا اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جا پابند آهيون، جنهن تي علي گوهر دراني ايڊووڪيٽ چيو ته نه ائين ناهي، عدالت ان جي پابند ناهي، جسٽس ارشد علي پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن مشاورت ٿي رهي آهي ته پوءِ ڪنهن نتيجي تي پهچي ڊرافٽ کي پبلڪ ڪندا ؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل ثناءُ الله عدالت کي ٻڌايو ته ان کي ٻيهر عام ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.