اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر تي قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويلن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

ڏهرڪي (رپورٽر شيراز احمد) اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر تي قاتلاڻي حملي ۾ راونتي جي ڪچي ۾ مارجي ويل ساٿي علي محمد شر جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.
مرحوم علي محمد شر جي جنازي نماز ۾ تعلقي ڏهرڪي ۾ سندس اباڻي ڳوٺ ڪرم خان شر ۾ ادا ڪئي وئي.
جنازي نماز ۾ اڳوڻي ايم پي اي شهريار خان، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ علائقي جي اهم شخصيتن سميت شهرين شرڪت ڪئي.
پوليس موجب، قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويل عمر خان شر جي جنازي نماز راونتي جي ڪچي ۾ ادا ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن روانتي جي ڪچي ۾ تاڙ ۾ ويٺل ڌاڙيلن اڳوڻي ايم پي اي جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني هئي، حملي جي نتيجي ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.