لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي جي گهر تي ڪريڪر حملو ڪيو ويو.
نثار کهڙي جي ترجمان موجب نظر محله روڊ تي نثار کهڙي جي گهر تي ڪريڪر حملو ڪيو ويو پر ڪو جاني ۽ مالي نقصان نه ٿيو.
ترجمان ٻڌايو ته ڀتيون اوچيون هجڻ سبب ڪريڪر گهر جي اندر نه وڃي سگهيو، جڏهن ته واقعي وقت نثار کهڙو موجود نه هو.
حملي کانپوءِ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان تفصيل طلب ڪندي جوابدارن جي جلد گرفتاري جي هدايت ڪئي.
ايس ايس پي روحل خان کوسو واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، ماحول خراب ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو.
You might also like