ملتان (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي قومي ٽيم پنج وڪيٽن جي نقصان تي 259 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.
ملتان جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ٽيم جي ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان طرفان اوپنر عبدالله شفيق ست، سعود شڪيل چار ۽ ڪپتان شان مسعود ٽي رنسون ٺاهي پويلين موٽيا.
بابر اعظم جي جاءِ تي اسڪواڊ ۾ شامل ٿيندڙ ڪامران غلام پنهنجي ڊيبيو ٽيسٽ ۾ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي سينچري اسڪور ڪئي هو 118 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته اوپنر صائم ايوب 77 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي.
پهرئين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تي پاڪستان انگلينڊ خلاف پنج وڪيٽن جي نقصان تي 259 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، محمد رضوان 37 ۽ سلمان علي آغا 5 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهن.
انگلينڊ جي جيڪ ليچ ٻه، ميٿيو پاٽس، برائيڊن ڪرس ۽ شعيب بشير هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي.
ٻي ٽيسٽ: ڪامران ۽ صائم جي مزاحمت، پاڪستان، انگلينڊ خلاف پنج وڪيٽن تي 259 رنسون ٺاهي ورتيون
You might also like