لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) نئين ديري ڀرسان زميني تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا.
نئين ديري لڳ ڳوٺ موريا فقير ۽ ڳوٺ واحد بخش آگاڻي جي موريا ۽ آگاڻي برادري وچ ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران هٿيارن جا منهن کُلي ويا.
جھيڙي دوران موريا برادري جو حافظ عبداللطيف پٽ محمد سلطان موريو مارجي ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا فرحان علي ۽ دودو موريو سخت زخمي ٿي پيا.
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ آگاڻي برادري جو مجاھد علي پٽ اسلام الدين آگاڻي مارجي ويو، الھوسايو آگاڻي زخمي ٿي پيو.
زخمين کي نئون ديرو اسپتال مان لاڙڪاڻي نيو ويو، جڏهن ته مارجي ويلن جا مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.
You might also like