اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير چيو آهي ته سندن ايجنڊا رڳو پاڪستان آهي، هو رڳو پاڪستان کي ڏسي رهيا آهن ۽ ان جي ڪاميابي چاهين ٿا.
شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل چيني وزيراعظم لي چيانگ جي اعزاز ۾ صدر آصف علي زرداري مانجهاندو ڏنو، منجهاندي جي دعوت ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير به شرڪت ڪئي.
دعوت دوران صحافين آرمي چيف کان سوال ڪيو ته ايس سي او ڪانفرنس مان اوهان ڪهڙي اميد رکو ٿا؟
آرمي چيف جنرل عاصم منير جواب ڏيندي چيو ته اسان جي ايجنڊا رڳو پاڪستان آهي، اسان رڳو پاڪستان کي ڏسي رهيا آهيون ۽ ان جي ڪاميابي چاهيون ٿا.
You might also like