اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري ۽ چين جي وزيراعظم لي چيانگ جي ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پاڪستان جي دوري تي آيل چيني وزيراعظم لي چيانگ ايوانِ صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي جتي ٻنهي اڳواڻن پاڪ-چين اقتصادي راهداري رٿائن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ معيشت، سيڙپڪاري، علائقائي رابطن، ۽ اهم شعبن ۾ اسٽريٽجڪ سهڪار وڌائڻ جو عزم پڻ ورجايو ويو.
ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو ته سي پيڪ، گوادر پورٽ جي مدد سان چين جي اقتصادي ترقيءَ مان لاڀ حاصل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته چيني ڪمپنين کي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري مان لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگرد حملي ۾ ٻن چيني شهرين جي مارجڻ تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏکوئيندڙ واقعو پوري قوم لاءِ تڪليف جو سبب بڻي، ان کانسواءِ صدر ايندڙ مهيني چين جي دوري جو اعلان پڻ ڪيو
صدر سان چيني وزيراعظم جي ملاقات، سي پيڪ رٿائن سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ
You might also like