ملتان (ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ۾ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي جاءِ تي پليئنگ اليون ۾ شامل ٿيندڙ ڪامران غلام ٽيسٽ ڊيبيو تي سينچري اسڪور ڪندڙ 13 هون پاڪستاني بيٽر بڻجي ويو.
ملتان ۾ جاري ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڊيبيو ڪندڙ ڪامران غلام سينچري اسڪور ڪئي.
واضح رهي ته علائقائي ڪرڪيٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪامران غلام بابر اعظم جي جاءِ تي قومي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهي هئي.
ڪامران غلام کان اڳ ڊيبيو ٽيسٽ ۾ پاڪستان طرفان خالد عباد الله، جاويد ميانداد، سليم ملڪ، محمد وسيم، علي نقوي، اظهر محمود، يونس خان، توفيق عمر به سنچري اسڪور ڪري چڪا آهن.
ان کانسواءِ يونس خان، فواد عالم، عمر اڪمل، عابد علي به پاڪستان طرفان ڊيبيو ٽيسٽ ۾ سينچري ٺاهي چڪا آهن.
ياسر حميد ڊيبيو تي ٻنهي اننگز ۾ سينچري ٺاهيندڙ اڪيلو پاڪستاني بيٽر آهي، ياسر حمديد ويسٽ انڊيز جو لارنس روئي ڊيبيو ميچ جي ٻنهي اننگز ۾ سينچري هڻندڙ بيٽرز آهن.
فواد عالم ۽ عمر اڪمل کي اِهو اعزاز حاصل آهي ته هن ڊيبيو ٽيسٽ سينچري ملڪ کان ٻاهر ميزبان ملڪ خلاف اسڪور ڪئي جڏهن ته باقي رانديگرن هوم گرائونڊ يعني پاڪستان ۾سينچريون اسڪور ڪيون.
You might also like