عمران جي ذاتي ڊاڪٽر کي اڊيالا جيل ۾ ملاقات جي اجازت نه ملي، واپس موٽي ويو

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني عمران خان جي ذاتي ڊاڪٽر عاصم يوسف اڊيالا جيل ۾ ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي واپس موٽي ويو.
ڊاڪٽر عاصم يوسف سوا ڪلاڪ کان وڌيڪ اڊيالا جيل ٻاهران موجود رهيو، هن اڊيالا جيل جي سيڪيورٽي عملي کي پنهنجا دستاويز پڻ ڏيکاريا.
ڊاڪٽر عاصم يوسف عمران خان سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي واپس هليو ويو.
هڪ بيان ڊاڪٽر عاصم يوسف چيو ته هن کي ٻڌايو ته پمز اسپتال جي ڊاڪٽرن کي طبي معائني جي اجازت ڏني وئي آهي، پر جيل اختيارين هن کي پي ٽي آءِ باني سان ملڻ جي اجازت نه ڏني.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي 15 آڪٽوبر تي ڊي چوچ تي احتجاج جو سڏ ڏنو هو.
تحريڪ انصاف شرط رکي هئي ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرائي وئي ته اڄ رٿيل احتجاج ملتوي ڪيو ويندو.
حڪومت عمران خان جو طبي معائنو ڪرائڻ جي شرط مڃي ورتي هئي جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ اڄوڪو احتجاج ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.