لاهور (ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهين آفريدي انگلينڊ خلاف ٻي ۽ ٽِين ٽيسٽ ميچ لاءِ اسڪواڊ مان ڊراپ ڪرڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪري ڇڏيو.
انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جاري آهي، ٻي ۽ ٽين ٽيسٽ ميچ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ مان بابر اعظم، نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.
ٽيم مان ڊراپ ٿيڻ کانپوءِ فاسٽ بالر شاهين آفريدي ايڪس تي 14 آڪٽوبر سومر جي ڏينهن پاڪستاني ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام جاري ڪيو.
هن لکيو ته پاڪستاني ٽيم لاءِ سندس نيڪ خواهشون آهن، هڪ ڀرپور واپسي جي پوري اميد آهي، سان سڀ ٽيم سان گڏ آهيون.
You might also like