قومي خزاني کي 6 ارب جو نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ ڏهه ڄڻا گرفتار

حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ ) فيڊرل بورڊ آف ريونيو قومي ناڻي کي ڇهه ارب رپين جو نقصان رسائڻ جي الزام هيٺ ڏهن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
چيف ڪمشنر لينڊ ريونيو ڊاڪٽر خالد ملڪ جو چوڻ آهي ته ٽئڪسز جي چوري ۽ جعلي انوائسز ٺاهي سيلز ٽئڪس چوري ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.
ريجنل ٽئڪس آفيس حيدرآباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪمشنر لينڊ ريونيو چيو ته ايف بي آر جي انفورسمينٽ کانپوءِ جعلي انوائسز ۽ سيلز ٽئڪس جي چوري ۾ ڪافي حد تائين گهٽتائي آئي آهي.
هن چيو ته جولاءِ 2023ع کان هينئر تائين حيدرآباد ريجن ۾ سيلز ٽئڪس چوري ۾ ملوث ڏهن ڄڻن کي گرفتار ڪري ڏهه ڪروڙ اوڳاڙيا آهن جڏهن ته وڌيڪ ڪيسز تي ڪم جاري آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه ڪمپنين جي مالڪن وڌيڪ منافعي جي لالچ ۾ جعلي ڪمپنيون ٺاهي ٽرانزيڪشن ڪرڻ سان گڏوگڏ پروڊڪٽ جي مينيو فيڪچرنگ ۾ ڪاسٽ جي غلط انگ اکر ظاهر ڪنديون آهن جنهن سبب قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان ٿيندو آهي پر هاڻي ائين ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.