ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي پاران آئيني ترميم کي ايندڙ چيف جسٽس منصور علي شاهه جي حلف برداري تائين ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو ته آئيني ترميم جو مقصد من پسند چيف جسٽس کي لڳائڻ ۽ مرضي جو عدالتي نظام قائم ڪرڻ آهي. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته آئيني ترميم کي ايندڙ چيف جسٽس منصور علي شاهه جي حلف برداري تائين ملتوي ڪيو وڃي. حافظ نعيم چيو ته حڪومت جي اها ڳالهه درست آهي ته ايس سي او اجلاس جي موقعي تي ڪو احتجاج نه ٿيڻ گهرجي پر حڪومت کي به ايس سي او اجلاس جي اوٽ ۾ آئيني ترميم جي ڪارروائي نه ڪرڻ گهرجي. معزز مهمانن جي آمد ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا سڄي ملڪ لاءِ اهم آهن.